پاڪستان پاران قطر جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت

اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀائر ملڪ قطر جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو حملو انتهائي اشتعال انگيز ۽ قطر جي خودمختياري سان گڏوگڏ عالمي قانون، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ بين الرياستي لاڳاپن جي اصولن جي کليل خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ان اشتعال انگيز …

اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀائر ملڪ قطر جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو حملو انتهائي اشتعال انگيز ۽ قطر جي خودمختياري سان گڏوگڏ عالمي قانون، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ بين الرياستي لاڳاپن جي اصولن جي کليل خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ان اشتعال انگيز ۽ غيرقانوني جارحيت جي خلاف قطر سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو، اسرائيل پاران اها ڪارروائي عالمي امن ۽ سلامتي کي مسلسل نظرانداز ڪرڻ ۽ خطي کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي ان جي پاليسي جو هڪ ٻيو مثال آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان مسلسل چيو آهي ته عالمي برادري کي اهڙي طرح جي ڇوٽ کي برداشت نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان قطر جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حمايت ۾ پنهنجي اصولي موقف جي توثيق ڪريون ٿا ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها اسرائيل کي جوابده بڻائي. ترجمان چيو ته پاڪستان قومي خودمختياري ۽ سلامتي جي دفاع ۾ ڀائر عوام ۽ قطر جي قيادت سان گڏ بيٺل رهندو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف دوحا تي تازي اسرائيلي حملي جي ڏس ۾ قطر جي عوام ۽ قيادت سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ گذريل ڏينهن قطر جو سرڪاري دورو ڪيو. شفقت علي خان چيو ته وزيراعظم 9 سيپٽمبر تي دوحا تي اسرائيلي حملي جي پاڪستان پاران شديد مذمت ڪندي ان کي قطر جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي کليل خلاف ورزي قرار ڏنو. هن قطري قيادت کي ان بنا جواز اشتعال انگيزي جي خلاف پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو يقين ڏياريو. هن اسرائيل جي ان وحشياڻي ۽ ڪڌي حملي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وچ اوڀر ۾ اسرائيلي جارحيت کي روڪڻو پوندو ۽ مسلمان امت کي اسرائيلي اشتعال انگيزين جي مقابلي ۾ پنهنجي صفن ۾ اتحاد جي ضرورت آهي. ترجمان ٻڌايو ته وزيراعظم چيو ته قطر جي درخواست تي پاڪستان وچ اوڀر جي صورتحال تي غور جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪئي هئي. هن 15 سيپٽمبر تي غيرمعمولي عرب اسلامي سربراهي اجلاس جي ميزباني جي قطر جي فيصلي جي پڻ آجيان ڪئي آهي.