نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪپهه جي فصل بابت اجلاس

اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪپهه جي فصل بابت اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ڪپهه جي پيداوار تي تازي وڏي پئماني تي ٻوڏ جي اثرن، امڪاني کوٽ ۽ سپلاءِ چين ۾ رڪاوٽن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ زرعي تبديلي جي منصوبي تحت پيداوار وڌائڻ، آبادگارن کي بهتر …

اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪپهه جي فصل بابت اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ڪپهه جي پيداوار تي تازي وڏي پئماني تي ٻوڏ جي اثرن، امڪاني کوٽ ۽ سپلاءِ چين ۾ رڪاوٽن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ زرعي تبديلي جي منصوبي تحت پيداوار وڌائڻ، آبادگارن کي بهتر معاونت ۽ برآمدات وڌائڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڻي جي کوٽ، موسمياتي تبديلي، معياري ٻج، جيت مار دوائن ۽ پُراڻي ٽيڪنالاجي جهڙن چئلينجز تي فوري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. نائب وزيراعظم موسمياتي سمارٽ زراعت، تحقيق ۾ سيڙپڪاري ۽ حڪومت، صنعت ۽ آبادگارن جي وچ ۾ مضبوط تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ خوراڪ، ناڻي ۽ واپار، منصوبابندي وارن وزيرن، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه کانسواءِ خوراڪ، انڊسٽريز وارن سيڪريٽرين ۽ وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي عملدارن شڊرڪت ڪئي.