اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي علائقائي دهشتگردي جي خاتمي واري ڍانچي جي سربراهي سنڀالي ورتي آهي. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ايس سي او جي علائقائي دهشتگردي جي خاتمي واري ڍانچي جي سربراهه جي حيثيت سان پاڪستان دهشتگردي جي خلاف گڏيل ترجيحن موجب گڏيل اعتماد، برابري ۽ گڏيل ذميواري جي …
پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي علائقائي دهشتگردي جي خاتمي واري ڍانچي جي سربراهي سنڀالي ورتي آهي: پرڏيهي آفيس

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي علائقائي دهشتگردي جي خاتمي واري ڍانچي جي سربراهي سنڀالي ورتي آهي. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ايس سي او جي علائقائي دهشتگردي جي خاتمي واري ڍانچي جي سربراهه جي حيثيت سان پاڪستان دهشتگردي جي خلاف گڏيل ترجيحن موجب گڏيل اعتماد، برابري ۽ گڏيل ذميواري جي شنگهائي جذبي جي رهنمائي ۾ علائقائي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪندو. ترجمان چيو ته اهو تعاون وڌائڻ جي لاءِ اهم ڊومينز ۾ تقريبن ۽ سرگرمين بشمول سائبر دهشتگردي جي خاتمي، انفارميشن آپريشنز، بارڊر سيڪيورٽي، دهشتگردن جي مالي مدد جي خاتمي ۽ صلاحيت سازي جي تعمير جي ميزباني پڻ ڪندو. شفقت علي خان چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائين رياست جي طور تي نه رڳو پنهنجي ماڻهن پر خطي ۽ ان کان ٻاهر جي تحفظ ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ بي مثال قربانيون ڏئي رهيو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي هڪ غيرمستقل ميمبر جي طور تي دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ ٻيون اهم ذميواريون پڻ ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم، عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارتر جي اصولن موجب دهشتگردي جي خلاف گڏيل ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ عالمي ۽ علائقائي حصيدارن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.











