لاهور-02 سيپٽمبر (اي پي پي)پي ڊي ايم اي پنجاب راوي، ستلج ۽ چناب درياهن ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. پنجاب جي رليف ڪمشنر نبيل جاويد رپورٽ جا تفصيل ٻڌائيندي چيو آهي ته راوي، ستلج ۽ چناب درياهن ۾ شديد ٻوڏ واري صورتحال سبب 2 هزار 300 کان وڌيڪ علائقا متاثر ٿيا. درياهن ۾ ٻوڏ واري صورتحال سبب مجموعي طور تي 24 لک 52 هزار ماڻهو متاثر ٿيا. …
پي ڊي ايم اي راوي پاران ستلج ۽ چناب درياهن ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جي رپورٽ جاري
لاهور-02 سيپٽمبر (اي پي پي)پي ڊي ايم اي پنجاب راوي، ستلج ۽ چناب درياهن ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. پنجاب جي رليف ڪمشنر نبيل جاويد رپورٽ جا تفصيل ٻڌائيندي چيو آهي ته راوي، ستلج ۽ چناب درياهن ۾ شديد ٻوڏ واري صورتحال سبب 2 هزار 300 کان وڌيڪ علائقا متاثر ٿيا. درياهن ۾ ٻوڏ واري صورتحال سبب مجموعي طور تي 24 لک 52 هزار ماڻهو متاثر ٿيا. ٻوڏ ۾ ڦاٿل 9 لک 99 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو، شديد ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ 395 رليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. متاثر علائقن ۾ 392 ميڊيڪل ڪئمپون به قائم ڪيون ويون آهن. ساڳئي طرح چوپائي مال جي علاج جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ 336 ويٽرنري ڪيمپ قائم ڪيون ويون آهن. متاثر علائقن ۾ ريسڪيو رليف سرگرمين ۾ 7 لک 8 هزار جانورن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو. رليف ڪمشنر چيو ته ستلج ۾ گنڊاسنگهه والا وٽ پاڻي جو وهڪرو 2 لک 53 هزار ڪيوسڪ جڏهن ته سليمانڪي وٽ پاڻي جو وهڪرو هڪ لک 24 هزار ڪيوسڪ آهي. چناب درياهه ۾ وڏي ٻوڏ جو وهڪرو ڏکڻ پنجاب طرف وڌي رهيو آهي. چناب ۾ مراله وٽ پاڻي جو وهڪرو 96 هزار ڪيوسڪ، جڏهن ته خانڪي هيڊورڪس وٽ پاڻي جو وهڪرو 1 لک 20 هزار ڪيوسڪ آهي، اهڙي طرح قادر آباد وٽ 1 لک 35 هزار ڪيوسڪ آهي. هيڊتريمون وٽ انتهائي مٿانهين درجي جي ٻوڏ آهي. تريمون وٽ پاڻي جو وهڪرو 5 لک 16 هزار ڪيوسڪ آهي جنهن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. رليف ڪمشنر چيو ته راوي درياهه ۾ جسڙ وٽ پاڻي جو وهڪرو 54 هزار ڪيوسڪ جڏهن ته شاهدره وٽ پاڻي جو وهڪرو 60 هزار ڪيوسڪ آهي، بلوڪي هيڊ ورڪس تي پاڻي جو وهڪرو 1 لک 37 هزار ڪيوسڪ آهي جڏهن ته هيڊ سڌنائي وٽ پاڻي جووهڪرو 1 لک 7 هزار ڪيوسڪ آهي. رليف ڪمشنر چيو ته منگلا ڊيم 82 سيڪڙو جڏهن ته تربيلا ڊيم 100 سيڪڙو تائين ڀرجي چڪا آهي، ستلج درياهه تي موجود انڊين ڀاڪڙا ڊيم 84 سيڪڙو تائين ڀرجي چڪو آهي، پونگ ڊيم 98 سيڪڙو جڏهن ته ٿين ڊيم 92 سيڪڙو تائين ڀرجي چڪو آهي. هن چيو ته تازي ٻوڏ ۾ 41 شهري ٻڏي فوت ٿيا. پنجاب جي وزيراعليٰ جي هدايتن کي نظر ۾ رکندي شهرين ۽ آبادگارن جي نقصانن جو ڪاٿو لڳائي ازالو يقيني بڻايو ويندو.












