نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات

اسلام آباد - 14 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڱاري ڏينهن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن قومي اهميت وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ قومي صورتحال تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات جي موقعي تي …

اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڱاري ڏينهن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن قومي اهميت وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ قومي صورتحال تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات جي موقعي تي گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير بابت معاملا پڻ غور هيٺ آيا.