بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي 3 ڏينهن جي دؤري تي مظفر آباد پهچي ويو

مظفر آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڄمون ڪشمير جي 3 ڏينهن جي دؤري تي مظفر آباد پهچي ويو. اڱاري ڏينهن پ پ پ ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري سان اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، پ پ آزاد ڪشمير جو صدر چوڌري محمد ياسين، پ پ جو سينيئر اڳواڻ چوڌري محمد رياض، ڊي جي پوليٽيڪل افيئرز عامر …

مظفر آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڄمون ڪشمير جي 3 ڏينهن جي دؤري تي مظفر آباد پهچي ويو. اڱاري ڏينهن پ پ پ ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري سان اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، پ پ آزاد ڪشمير جو صدر چوڌري محمد ياسين، پ پ جو سينيئر اڳواڻ چوڌري محمد رياض، ڊي جي پوليٽيڪل افيئرز عامر ذيشان جرال به هو. ان کان پهرين جڏهن بلاول ڀٽو زرداري ڪوهاله پل کان مظفر آباد جي حدن ۾ داخل ٿيو ته آزاد ڪشمير جي وقتي صدر ۽ قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر، ميان عبدالوحيد، سيد بازل علي نقوي، سردار جاويد ايوب، مختار عباسي، ديوان چغتائي سميت ٽڪيٽ هولڊرز، پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ چيئرمين جو شاندار استقبال ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري سَوين گاڏين جي جلسي ۾ گاديءَ واري هنڌ پهتو. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. بلاول ڀٽو پنهنجي مظفر آباد جي دؤري دوران پونچ ڊويزن ۽ مظفر آباد ڊويزن جي اميدوارن ۽ اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو ۽ آئينده چونڊ حڪمت عملي تي مشاورت پڻ ڪندو. آزاد ڄمون ڪشمير جي صدر چوڌري محمد ياسين بلاول ڀٽو زرداري جي اعزاز ۾ عشائيه ڏيندو، جنهن ۾ مظفر آباد ۽ پونچ ڊويزن جي پ پ جي سمورن اميدوارن ۽ صدرن کان علاوه مظفرآباد، نيلم ۽ جهلم ويلي ضلعن جا پارٽي صدر پڻ شرڪت ڪندا.