اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ مخالف ڌُر کي دعوت ڏني آهي ته اچو عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ گڏجي ويهون، اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، ان سان ئي مسئلن جو حل نڪري سگهي ٿو. سينيٽر اعظم نذير تارڙ قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مصلحت تحت پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلين کي ٽوڙي ڇڏيو هو؟ …
سياسي اڳواڻن جي سزائن خلاف آهيون، ڳالهين سان ئي مسئلن جو حل نڪري سگهي ٿو: اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ مخالف ڌُر کي دعوت ڏني آهي ته اچو عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ گڏجي ويهون، اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، ان سان ئي مسئلن جو حل نڪري سگهي ٿو. سينيٽر اعظم نذير تارڙ قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مصلحت تحت پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلين کي ٽوڙي ڇڏيو هو؟ 28 اپريل کان 3 مئي 2023ع تائين ٻُڌايو ويو ته هڪ وقت ۾ سڄي ملڪ ۾ چونڊون ٿي سگهن، ان کان پوءِ هڪ سياسي ڪميٽي ٺاهي وئي، بجيٽ منظوريءَ کان پوءِ سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلين کي به ٽٽڻو هو، جڏهن ڪميٽيءَ سڀ ڪجهه طئي ڪري ڇڏيو هو ته ڪميٽي اجلاس دوران شاهه محمود قريشي کي پي ٽي آءِ باني جو فون آيو جنهن کان پوءِ شاهه محمود قريشي سمورين طئي ٿيل ڳالهين کان معذرت ڪري ورتي هئي. اعظم نذير تارڙ چيو ته اسان جا سمورا اڳواڻ سختيون برداشت ڪري چڪا آهن، اسان سياسي اڳواڻن جي سزائن خلاف آهيون، 26هين آئيني ترميم ان ايوان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور ڪئي. هن چيو ته ان ترميم تحت ججن جي مقرري ۾ پارليامينٽ جي ڪردار کي مضبوط ڪيو ويو، اقليتن ۽ بار ڪائونسل کي نمائندگي ڏني وئي، ججن جي مقرريءَ ۾ حڪومت سان گڏ مخالف ڌُر کي به نمائندگي ڏني وئي، ان ۾ مخالف ڌُر ۽ حڪومت جي نمائندگي برابر آهي، چيو ويو ته وڪيل ان ترميم کي تسليم نه ڪندا پر ڪنهن بار ڪائونسل اعتراض نه ڪيو. هن چيو ته سول ڪيسن جا 30-30 سالن تائين فيصلا نه ٿيندا هئا، ڇا اسان ڪجهه نه ڪريون، فوجداري ڪيس ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين التوا هيٺ هئا، ڇا اسان انصاف جي نظام کي شفاف بڻائڻ لاءِ ڪجهه نه ڪريون؟ جيڪڏهن اڃا به مخالف ڌر کي اعتراض آهي ته دعوت ڏيان ٿو ته اچو ويهون. فوجداري انصاف جي نظام ۾ 108 ترميمن جو مسودو لاڳاپيل ڪميٽيءَ ۾ التوا هيٺ آهي. هن مخالف ڌر کي دعوت ڏني ته اچو گڏجي ويهون ۽ گڏجي عوام جا مسئلا حل ڪريون، اسان ڳالهين لاءِ گڏجي ويهڻ لاءِ تيار آهيون، ڳالهين سان ئي رستا نڪرندا.











