والاريل ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃن: وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد-05 آگسٽ(اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. ڪشميري عوام صحت ۽ علاج جي سهولتن کان به محروم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جو ڏينهن ڪشميرين تي ظلم ۽ جبر جي ياد ڏياري ٿو، ڀارت …

اسلام آباد-05 آگسٽ(اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. ڪشميري عوام صحت ۽ علاج جي سهولتن کان به محروم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جو ڏينهن ڪشميرين تي ظلم ۽ جبر جي ياد ڏياري ٿو، ڀارت 5 آگسٽ تي گڏيل قومن جي قراردادن جي سنگين ڀڃڪڙي ڪئي. ڪشميرين جي سياسي، اخلاقي، سفارتي حمايت جاري رکنداسين، عالمي برادري ڀارتي ظلم جو نوٽيس وٺي. هن چيو ته ڪشميري عوام جون قربانيون ضايع نه وينديون. ڪشميرين جو هر ڏک اسان جو ڏک آهي. هن چيو ته ڪشمير جي آزادي تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي. 

مزید خبریں