اسلام آباد-05 آگسٽ(اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي ٻي ڏينهن به زبردست تيزي رهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ 1034 پوائنٽس جو شاندار اضافو رڪارڊ ٿيو. ان اضافي سان ئي 100 انڊيڪس هڪ نئين رڪارڊ سطح يعني 143،087 پوائنٽس تي پهچي ويو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن به مارڪيٽ ۾ هاڪاري رجحان برقرار رهيو هو، جڏهن ته ڪي ايس اي 100 …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جوتسلسل، 100 انڊيڪس نئين رڪارڊ سطح تي پهچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-05 آگسٽ(اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي ٻي ڏينهن به زبردست تيزي رهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ 1034 پوائنٽس جو شاندار اضافو رڪارڊ ٿيو. ان اضافي سان ئي 100 انڊيڪس هڪ نئين رڪارڊ سطح يعني 143،087 پوائنٽس تي پهچي ويو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن به مارڪيٽ ۾ هاڪاري رجحان برقرار رهيو هو، جڏهن ته ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ 900 پوائنٽس کان وڌيڪ جو اضافو رڪارڊ ٿيو هو. سومر ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻي تي انڊيڪس 142،052 پوائنٽس تي بند ٿيو هو، جيڪا ان وقت تائين جي بلند ترين سطح هئي. مارڪيٽ ۾ ان مسلسل بهتري کي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافي، مضبوط اقتصادي اهڃاڻن ۽ پاڪستان جي عالمي واپاري حصيدارن سان وڌندڙ سهڪار سبب جوڙيو پيو وڃي. سيڙپڪاري جي ماحول ۾ بهتري ۽ حڪومت جي مالياتي پاليسين، به مارڪيٽ جي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج مطابق موجوده هاڪاري رجحان معيشت جي بحالي طرف هڪ اهم اشارو آهي ۽ اميد آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ به سيڙپڪارن جو اعتماد برقرار رهندو.











