اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ڪشمير استحصال ڏهاڙو اسان کي ڀارت جي هڪطرفي قدمن جي ياد ڏياري ٿو، 5 آگسٽ 2019ع جا ڀارتي قدم گڏيل قومن، انساني حقن جي معاهدن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي آهن، ڀارت ۾ جمهوريت جي نالي تي سموري سياسي قيادت کي قيد ۽ نظربند ڪيو، ڪشمير ۾ ڊگهي لاڪ …
ڪشمير استحصال ڏهاڙو اسان کي ڀارت جي هڪطرفي قدمن جي ياد ڏياري ٿو: اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ڪشمير استحصال ڏهاڙو اسان کي ڀارت جي هڪطرفي قدمن جي ياد ڏياري ٿو، 5 آگسٽ 2019ع جا ڀارتي قدم گڏيل قومن، انساني حقن جي معاهدن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي آهن، ڀارت ۾ جمهوريت جي نالي تي سموري سياسي قيادت کي قيد ۽ نظربند ڪيو، ڪشمير ۾ ڊگهي لاڪ ڊائون ۽ شهري آبادين تي پابنديون هنيون ويون، گذريل 6 سالن ۾ ڀارت ڪشميري قانونن ۾ ڪيتريون ئي ترميمون ڪيون، ڀارت جي ڪشمير پاليسي پاڪستان ۽ قوم جي لاءِ ناقابل قبول آهي، ڀارت کي گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، گڏيل قومن جون قراردادون ڪڏهن به رديءَ ناهن ٿينديون، ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ريفرنڊم جو انعقاد ڪري، انشاءَ الله ڪشمير آزاد ٿي پاڪستان جو حصو بڻجندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ڪشمير استحصال ڏهاڙو اسان کي ڀارت جي هڪ طرفي قدمن جي ياد ڏياري ٿو، اهي قدم ڀارت پلواما جي هڪ ڊرامي کانپوءِ 5 آگسٽ 2019ع ۾ کنيا، ڀارت ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئي، ڀارت اهي قدم جمهوريت جي نالي تي کنيا، اها ڪهڙي جمهوريت هئي ته پوري ڪشميري قيادت کي قيد ڪرڻو پيو، اها ڪهڙي جمهوريت هئي جو ڪيترائي مهينا لاڪ ڊائون ڪرڻو پيو، اها ڪهڙي جمهوريت هئي جو اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي هڻڻي پئي. هن چيو ته ڪشمير استحصال ڏهاڙو، ڪشميري عوام جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي، استحصال ڏهاڙو اسان کي ڀارت جي غيرقانوني قدمن جي ياد ڏياري ٿو، ڀارت 5 آگسٽ 2015ع تي ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئي، ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير کي ٻن حصن ۾ ورهائي لداخ کي جدا ڪري ڇڏيو، ڀارت مقامي رهواسين جا خصوصي حق غضب ڪري ڇڏيا، جمهوريت جي نالي تي سموري سياسي قيادت کي قيد ۽ نظربند ڪيو ويو، ڪشمير ۾ ڊگهي لاڪ ڊائون ۽ شهري آزادين تي پابنديون هنيون ويون. هن چيو ته ڀارتي حڪومت جمهوريت ۽ ترقي جي نالي تي بنيادي حق غضب ڪيا، موجوده ڀارتي قيادت والاريل ڪشمير تي قبضو مستحڪم ڪري رهي آهي، ڀارتي سپريم ڪورٽ حڪومت جي 5 آگسٽ جي قدمن کي برقرار رکيو، گذريل 6 سالن ۾ ڀارت ڪشميري قانونن ۾ ڪيتريون ئي ترميمون ڪيون، ڀارت ليفٽيننٽ گورنر جي اختيارن ۾ اضافو ڪيو، ڀارتي قدم ڪشميرين جي خودمختياري جي حق تي کليل حملو آهي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته اڄ ٻاهرئين ملڪ ۾ موجود پاڪستاني به استحصال ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي قدم سان ڪشمير کي هڙپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڀارتي قدمن سان ڪشميرين جا حق غضب ٿيا. هن چيو ته ڀارت ترقي جي نالي تي اهو قدم کنيو، اها ڪهڙي ترقي آهي جو لاڪ ڊائون ڪرڻ پيو، ڪرفيو لڳائڻو پيو، ڀارت ڪشمير ۾ 5 آگسٽ کانپوءِ مرضي جي قانونسازي ڪئي، ڀارت آبادي جو تناسب بدلائڻ جو قانون بدلايو، ڀارت ڪشميرين کي اقليت ۾ بدلائڻ جي لاءِ نيون تڪبنديون ڪيون. نائب وزيراعظم چيو ته اهو شوشو ڇڏيو ويو ته ڄمون کي رياست جو درجو ڏنو ويندو، ڀارت والاريل واديءَ ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي، غيرڪشميرين کي ڊوميسائيل ۽ مقامي ووٽر لسٽ ۾ داخلا جو حق ڏنو ويو، ڀارت ملڪيت جي خريد ۽ وڪري جو دروازو ٻاهر جي ماڻهن جي لاءِ کوليو، ڀارت جو مقصد ڪشميرين کي انهن جي ئي سرزمين تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي، ڪشمير جي ثقافت کي مٽائڻ جي لاءِ ڀارتي رنگ مڙهيو پيو وڃي، اهڙي حڪومت جو قيام عمل ۾ آندو ويو جيڪا دهلي جي حڪمن تي هلي، ڀارت جي ڪشمير پاليسي پاڪستان ۽ قوم جي لاءِ ناقابل قبول آهي، گذريل 48 ڪلاڪن ۾ ڀارت نئون شوشو ڇڏيو آهي، ڄمون ۽ ڪشمير ۽ لداخ کي يونين ٽيريٽري قرار ڏيڻ کانپوءِ نئين ورڇ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ڀارتي ميڊيا ڄمون کي رياستي درجو ڏيڻ جون خبرون هلائي رهي آهي، والاريل ڪشمير کي يونين ٽيريٽري ئي رکڻ جو اشارو ڏنو پيو وڃي، ڀارت جا اهي قدم مذمت جوڳا آهن، ڀارت والاريل ڪشمير کي پنهنجو اندروني معاملو قرار ڏي ٿو، ڀارت جي دعويٰ گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي آهي، ڀارت ئي ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن ۾ کڻي ويو هو، هاڻي هو انهن قراردادن تي عملدرآمد کان انڪار ڪري رهيو آهي، گڏيل قومن جي چارٽر جي شق 25 سمورن ملڪن کي قراردادن جو پابند ڪري ٿي، ڀارت جو اهو رويو گڏيل قومن جي چارٽر، اخلاقي اصولن ۽ زميني حقيقتن جي ابتڙ آهي. اسحاق ڊار چيو ته ڀارت جو ڪو قدم ڪشمير جو فيصلو نٿو ڪري سگهي، دهشتگردي جي خاتمي جي قانون کي ڀارتي فوج بيدرديءَ سان استعمال ڪري رهي آهي، ڪشمير ۾ سمورا انساني حق سلب ڪيا ويا، ڪشمير ۾ اظهار راءِ تي مڪمل پابندي آهي، ڪشميري اڄ دٻاءُ جي باوجود ڄميل آهن، ڀارت کي گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، گڏيل قومن جون قراردادون ڪڏهن به رديءَ ناهن ٿينديون. هن چيو ته پاڪستان ڪشمير ۽ ڀارت ڪشمير جي ڌر آهن، ڀارت جو 5 آگسٽ جو فيصلو غيرقانوني ۽ عالمي قانونن سان بغاوت آهي، پاڪستان ڪشميرين جي سفارتي سياسي حمايت جاري رکندو، ڀارت سلامتي ڪائونسل جي قراردادن کان مسلسل انڪار ڪري رهيو آهي، اهو کليل تضاد آهي، ڀارتي حڪومت ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت بابت ماضي جي معاهدن کان انڪار ڪري رهيو آهي، 5 آگسٽ 2019ع جا ڀاريت قدم گڏيل قومن، انساني حقن جي معاهدن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي آهن، ڀارتي آئين تحت کنيل ڪو قدم ڪشميرين جي مستقبل جو فيصلو نٿو ڪري سگهي، والاريل ڪشمير ۾ لکين ڀارتي اهلڪار مقرر، ڪشميري خوف ۽ ظلم جي فضا ۾ ساهه کڻي رهيا آهن، هزارين ڪشميري سياسي قيدي جيلن ۾، سوين جي ملڪيتون ضبط، ميڊيا کي خاموش ڪيو ويو آهي، ڀارتي فوج انساني حق پائمال ڪري رهي آهي، فارن ميڊيا کي ڪشمير تائين پهچ نه پئي ڏنيو ڃي، دهشتگردي جي خاتمي جي قانونن جو بيدرديءَ سان استعمال، 16 پارٽيون پابندي جو شڪار آهن، هزارين ڪشميري عورتون نيم بيواهه جي زندگي گذارڻ تي مجبور، مڙسن جي زندگي يا موت جي خبر نه آهي، نامعلوم قبرن ۾ دفن شهيدن جي سڃاڻپ نٿي سگهي، عالمي ضمير کي جهنجهوڙڻ جي ضرورت آهي، اڄ اسان کي هزارين ڪشميري شهيدن کي ياد ڪرڻو آهي جيڪي ڀارتي ظلمن جو نشانو بڻيا، ڪشمير اڄ به ڀارتي دٻاءُ جي اڳيان ناهي جهُڪيو، ڪشميرين جي جرئت ۽ سگهه ساراهه جوڳي آهي، ڄمون ۽ ڪشمير کي پاڪستان جو حصو بڻجڻ گهرجي ها، بدقسمتي سان طاقت ۽ سازش سان روڪيو ويو، 70 سالن کان ڪشميري زخمن سان زندهه آهن، اسان کي انهن جو ساٿ ڏيڻو آهي، ڀارت کي گڏيل قومن ۽ ڪشميرين سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ريفرنڊم منقعد ڪري، اهو انصاف ۽ امن جو رستو آهي، گڏيل قومن جون قراردادون رديءَ نه آهن، اڄ به ڀارت تي مڪمل طور تي لاڳو آهن، انشاءَ الله ڪشمير آزاد ٿي پاڪستان جو حصو بڻجندو، ڪشميري پاڻ فيصلو ڪندا، ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن سياسي سرگرمين جي لاءِ چونڊڻ ڪنهن به طور تي صحيح نه آهي، توهان ڪنهن کي پيغام ڏئي رهيا آهيو ڀارت کي؟ 365 ڏينهن مان ڪو ٻيو ڏينهن نه ٿا چونڊي سگهو؟ ان قدم جي مذمت ڪرڻ گهرجي. اسحاق ڊار چيو ته ڀارت پنهنجو پاڻ کي خطي جو چوڌري سمجهندو هو، پاڪ فوج ڀارت جا 6 جهاز ڪيرايا، اهو اتحاد جو نتيجو آهي دشمن جو غرور خاڪ ۾ ملايو، ڀارت نيو نارمل ۽ سپرميسي جي ڳالهه ڪندو هو. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان معاشي استحڪام جي راهه تي هلي پيو، اها ترقي هاڻي ڪنهن کي هضم نه ٿي رهي آهي، پاڪستان جنگ نه ٿو چاهي پر ميري اک سان ملڪ طرف ڏسندڙن جون اکيون ڪڍيون وينديون، پاڪستان ڪنهن به جارحيت جو اڳ وانگر ڀرپور جواب ڏيندو. هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت جمهوري ملڪ آهي ته ڪشمير ۾ ظالماڻي قانونن کي واپس وٺڻو پوندو، ڀارت کي قيدين کي آزاد ڪرڻو پوندو، اظهارراءِ تان پابنديون هٽائڻيون پونديون، ڀارت کي ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيڻو پوندو.











