اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت تبديل ڪرڻ جي حوالي سان ڪيترائي هڪطرفا ۽ غيرقانوني قدم کنيا جيڪي گڏيل قومن جي چارٽر، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ عالمي قانون بشمول چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي واضح خلاف ورزي آهي، ڪشميري گذريل 7 ڏهاڪن کان گڏيل قومن جي …
ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت تبديل ڪرڻ جي حوالي سان ڪيترائي هڪطرفا ۽ غيرقانوني قدم کنيا: اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت تبديل ڪرڻ جي حوالي سان ڪيترائي هڪطرفا ۽ غيرقانوني قدم کنيا جيڪي گڏيل قومن جي چارٽر، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ عالمي قانون بشمول چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي واضح خلاف ورزي آهي، ڪشميري گذريل 7 ڏهاڪن کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي واعدن جي تڪميل جا منتظر آهن، وقت جي گهرج آهي ته عالمي برادري ڀارت تي دٻاءُ وجهي ته هو ان جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي ختم ڪري ۽ لاڳاپيل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري. نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير اسلامي جمهوريه پاڪستان، سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو استحصال ڏهاڙي 5 آگسٽ 2025ع تي پيغام ۾ چيو ته اڄ جي ڏينهن 6 سال اڳ، ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت تبديل ڪرڻ جي حوالي سان ڪيترائي هڪطرفا ۽ غيرقانوني قدم کنيا جيڪي عالمي سطح تي مڃيل تڪراري حيثيت کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ڀارتي قبضي کي مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش هئي. پرڏيهي وزير چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ ڀارت والاريل ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قانون متعارف ڪرايا آهن. غيرڪشميرين کي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ، عارضي رهواسين کي ووٽر لسٽن ۾ شامل ڪرڻ، اسيمبلي تڪن جي حدبندي ۾ تبديلي، زمين ۽ ملڪيت جي مالڪاڻي قانونن ۾ ترميم ۽ نام نهاد گورنر کي انتظامي اختيار ڏيڻ جهڙا انتهائي قدم آهن جيڪي گڏيل قومن جي چارٽر، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ عالمي قانون بشمول چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي واضح خلاف ورزي آهن. اسحاق ڊار چيو ته لکين ڀارتي فوجين جي موجودگي ۾ والاريل ڪشمير دنيا جي انتهائي فوجي زون مان هڪ بڻجي ويو آهي. هزارين ڪشميري سياسي قيدي ساالن کان جيلن ۾ سڙي رهيا آهن. هن چيو ته ڪشميري صحافين ۽ انساني حقنجي ڪارڪنن سان بدسلوڪي ڀارت پاران اختلاف راءِ کي دٻائڻ جي ڪوششن کي وڌيڪ واضح ڪري ڇڏيو آهي.نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته پهلگام واقعي کانپوءِ شروع ڪيل وڏي پئماني تي ڪارروائي ثابت ڪيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير کي اڃان به هڪ ڪالوني سمجهي ٿو. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تازيون جهڙپون ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي فوري ضرورت کي هڪ ڀيرو ٻيهر اجاگر ڪن ٿيون. ڪشميري گذريل 7 ڏهاڪن کان گڏيل قومن پاران پنهنجي وچن جي تڪميل جو انتظار ڪري رهيا آهن. وقت جي گهرج آهي ته عالمي برادري ڀارت تي دٻاءُ وجهي ته هو پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي ختم ڪري ۽ لاڳاپيل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري. پاڪستان ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي جائز جدوجهد جي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.











