ڪشميرين جي آزادي جو جذبو اڄ به جوان آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڪشميرين جي آزادي جو جذبو اڄ به جوان آهي، ڪشميري بهادر عوام اڄ به ظالم قوتن جي اکين ۾ اکيون وجهي نعرو بلند ڪن ٿا ته ”اسان پاڪستاني آهيون ۽ پاڪستان اسان جو آهي.“ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سمورن ظلمن ۽ ڀارتي رياستي …

اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڪشميرين جي آزادي جو جذبو اڄ به جوان آهي، ڪشميري بهادر عوام اڄ به ظالم قوتن جي اکين ۾ اکيون وجهي نعرو بلند ڪن ٿا ته ”اسان پاڪستاني آهيون ۽ پاڪستان اسان جو آهي.“ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سمورن ظلمن ۽ ڀارتي رياستي ڏاڍ جي باوجود ڪشميري عوام جي آزادي جو جذبو اڄ به جوان آهي، ڪشميري عوام بهادري، حوصلي ۽ سگهه سان ظالم قوتن جي اکين ۾ اکيون وجهي اهو نعرو بلند ڪن ٿا ته ”اسان پاڪستاني آهيون، پاڪستان اسان جو آهي. هن چيو ته برهان مظفر واني پنهنجي لازوال قرباني سان لکين ڪشميري نوجوانن جي دلين ۾ آزادي جي تحريڪ جي لاءِ نئون روح وڌو جڏهن ان نوجوان کي ڀارتي قابض فوج شهيد ڪيو ته ان کي پاڪستاني سائي جهنڊي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. اڄ به ڪشميري نوجوانن جي شهادت کانپوءِ تدفين انهي جهنڊي ۾ ڪئي وڃي ٿي جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪشميرين جُون دليُون اڄ به پاڪستان سان گڏ ڌڙڪن ٿيُون. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هر عالمي فورم تي ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي ڀرپور حمايت ڪئي ۽ اها اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت اڳتي به جاري رهندي. هن چيو ته ڀارت جي اها خام خيالي آهي ته هو ڏاڍ ۽ تشدد جي ذريعي ڪشميرين جو آواز دٻائي ڇڏيندو جيتوڻيڪ تاريخ ثابت ڪيو آهي ته اهڙا سمورا حربا ڪشميرين جي جذبي کي وڌيڪ جلا بخشين ٿا. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميري عوام کي انهن جي خودمختياري جو حق هر صورت ۾ ملي رهندو. هن واضح ڪيو ته نريندر مودي جي حڪومت جيترو ظلم وڌائي ٿي، ڪشميرين جو جذبو ۽ حوصلو ايترو ئي مضبوط ٿئي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڇا مودي سرڪار هن سال مئي ۾ پاڪستاني قوم کي آزمائي ڏسي ناهي ورتو؟ معرڪه حق آپريشن بُنيان مرصوص ۾ پاڪستاني قوم پنهنجي فوج سان شيهي جي ديوار وانگر بيٺل  رهي، اسان رڳو انهن جا جهاز نه ڪيرايا، مودي جو غرور ۽ تڪبر به خاڪ ۾ ملايو آهي، ڀارت جي ڏکڻ ايشيا جو ٿاڻيدار بڻجڻ جي ناپاڪ خواهش خاڪ ۾ ملي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هر فورم تي ڪشمير ڪاز کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو، پاڪ فوج فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت ۾ هڪ ٺوس ۽ موثر حڪمت عملي اختيار ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان هر محاذ تي سرخرو ٿيو. هن چيو ته هن ايوان مان ڀارت کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ڪشميرين جي آزادي جي تحريڪ گڏيل قومن جي قراردادن جي عين موجب آهي ۽ انشاءَ الله ڪشميرين کي انهن جو حق هر صورت ۾ ملندو. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته اڄ جو ڏينهن هڪ ئي پيغام ڏئي رهيو آهي ته ڪشميرين جو استحصال ٿيو آهي ۽ هي ايوان ڀارتي ظلمن جي شديد مذمت ڪري ٿو.

مزید خبریں