غيرقانوني قبضي هيٺ ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جي ڇهين ورسيءَ تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت”استحصال ڏهاڙو“ ملهايو

اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) غيرقانوني قبضي هيٺ ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جي ڇهين ورسيءَ تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت اڱاري ڏينهن ”استحصال ڏهاڙو“ ملهايو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ان موقعي تي خصوصي پيغامن ۾ صدر، وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڪشمير ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي …

اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) غيرقانوني قبضي هيٺ ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جي ڇهين ورسيءَ تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت اڱاري ڏينهن ”استحصال ڏهاڙو“ ملهايو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ان موقعي تي خصوصي پيغامن ۾ صدر، وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڪشمير ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جو وچن ورجايو ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ڪرڻ تي زور ڏنو. هنن پنهنجي بيان ۾ ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت جي غيرقانوني قدمن جو مقصد ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين تي هڪ بي اختيار ڪميونٽي ۾ تبديل ڪرڻ آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدر، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر ۽ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکيا آهن ته جيئن انهن کي آءِ آءِ او جي ڪي ۾ تازه ترين اڳڀرائي کان آگاهه ڪري سگهجي. انهن خطن ۾ هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد تي زور ڏنو آهي ته جيئن ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام پنهنجي مستقبل جو پاڻ تعين ڪري سگهي. هن غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال جي بهتري ۽ ڪشميري سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ جي فوري ضرورت تي پڻ زور ڏنو آهي. استحصال ڏهاڙي کان اڳ پرڏيهي سيڪريٽري 4 آگسٽ 2025ع تي اسلام آباد ۾ قائم سفارتي مشنز کي آءِ آءِ او جي ڪي جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن خطي ۾ گذريل ڪجهه مهينن جي اڳڀرائي جي حوالي سان ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي قانوني، سلامتي ۽ انساني حقن جي رخن تي خصوصي روشني وڌي. غيرقانوني قبضي هيٺ ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اڱاري جي صبح وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ شاهراهه دستور کان ڊي چوڪ تائين هڪ خصوصي واڪ منعقد ڪئي وئي. واڪ جي قيادت نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڪئي. واڪ ۾ وزارت جي اعليٰ عملدارن ۽ عملي کانسواءِ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پڻ شرڪت ڪئي. استحصال ڏهاڙي کي ملهائڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ مختلف پروگرامز جوڙيا ويا جن ۾ عوامي ريليون، سيمينارز، ويبنار، مباحثا ۽ تصويري نمائشون شامل آهن. اهڙي طرح پاڪستاني ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڀرپور شرڪت سان سڄي دنيا ۾ پاڪستان جا سفارتي مشن پڻ غيرقانوني قبضي هيٺ ڀارتي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم بابت عالمي سطح تي بيداري پيدا ڪرڻ جي لاءِ خصوصي تقريبن جو اهتمام ڪري رهيا آهن.

مزید خبریں