اسلام آباد - 05 آگسٽ (اي پي پي)ھائوسنگ ايند ورڪس بابت وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده يوم استحصال ڪشمير تي پنھنجي پيغام ۾ چيو آھي ته 1947ع کان اسان جا ڪشميري ڀائر پنھنجي آزادي ۽ خودمختياري لاءِ جدو جھد ڪري رھيا آھن. 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت آرٽيڪل 370 ۽ A35 کي ھڪ طرفو رد ڪري ڇڏيو. ڀارت ان عمل سان ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جو غيرقانوني …
ڪشمرين جي آزادي ۽ حق خوداراديت جي ڪوششن کي دٻائي نه ٿو سگھجي: ھائوسنگ وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي)ھائوسنگ ايند ورڪس بابت وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده يوم استحصال ڪشمير تي پنھنجي پيغام ۾ چيو آھي ته 1947ع کان اسان جا ڪشميري ڀائر پنھنجي آزادي ۽ خودمختياري لاءِ جدو جھد ڪري رھيا آھن. 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت آرٽيڪل 370 ۽ A35 کي ھڪ طرفو رد ڪري ڇڏيو. ڀارت ان عمل سان ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جو غيرقانوني ۽ مذمت جوڳو قدم کنيو. رياض حسين پيرازده چيو ته ان قدم کانپوءِ ڪشميري عوام تي بي حد ظلم ڪيا ويا ۽ ڪشميري قيادت کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو. ڪشميرين جي آزادي ۽ حق خوداراديت جي ڪوششن کي ڪنھن به طرح سان دٻائي نه ٿو سگھجي. پاڪستان ھميشه پنھنجي ڪشميري ڀائرن جي ان جدو جھد ۾ سندن ساٿ ڏنو آھي. سڄي دنيا ۾ ان ظلم خلاف آواز اٿارو ويندو آھي پر ڀارت پنھنجي ظلمن کان پري نه ٿو اچي. پاڪستان اڳ به ڪشميرين جي ان حق لاءِ آواز بلند ڪندو رهيو آهي ۽ اڳتي به ڪندو رهندو. ڪشمير اسان جي شهه رڳ آھي ۽ ڪشميرين سان اسان جو مذھبي اخلاقي ۽ رت جو رشتو آھي. پاڪستان جي حڪومت، فوج ۽ پاڪستان جو عوام ھميشه پنھنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آھن. دعا آھي ته جلد ڪشميرين کي انھن جا جائز حق ملن ۽ ڪشمير جو مسئلو انھن جي اميدن مطابق حل ٿئي.











