والاريل ڪشمير جي ماڻھن کي گڏيل قومن جي ٺھرائن مطابق سندن بنيادي حق ڏنو وڃي: بلوچستان جو گورنر

ڪوئيٽا - 05 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنھنجي پيغام ۾ چيو آھي ته اسان پنھنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آزادي جي جدو جھد ۾ پختي يڪجھتي لاءِ 5 آگسٽ يوم استحصال ملھائي رهيا آهيون. اسان مطالبو ڪيون ٿا ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ ڄمون ڪشمير جي ماڻھن کي انھن جو بنيادي حق خوداراديت ڏنو وڃي …

ڪوئيٽا – 05 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنھنجي پيغام ۾ چيو آھي ته اسان پنھنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آزادي جي جدو جھد ۾ پختي يڪجھتي لاءِ 5 آگسٽ يوم استحصال ملھائي رهيا آهيون. اسان مطالبو ڪيون ٿا ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ ڄمون ڪشمير جي ماڻھن کي انھن جو بنيادي حق خوداراديت ڏنو وڃي جيڪو گڏيل قومن جي ٺھرائن ۾ داخل حق آھي، پاڪستان پھرين ڏينھن کان ھر انٽرنيشنل فورم تي ڪشميرين جي سمورن جائز اميدن جي نه رڳو حمايت ڪئي آھي پر ڪشميرين سان ٿيندڙ وحشياڻي ظلم ۽ زيادتين کي به اجاگر ڪيو آھي. والاريل ڪشمير تي ڀارت مڪمل قبضو ۽ ڀارتي آئين جي آرٽيڪل  ۽ 370 35 اي کي رد ڪري سمورن قانونن ۽ قدمن جي ڀڃڪڙي ڪري پنھنجو ظالماڻو چھرو بينقاب ڪيو. گورنر مندوخيل واضح ڪيو ته عالمي برادري کي اھو تسليم ڪرڻ گھرجي ته ڪشمرين جي جدو جھد ڪو علائقائي تڪرار نه آھي پر ھڪ انساني بحران آھي جيڪو فوري طور حل ٿيڻ گهرجي.

مزید خبریں