اسلام آباد - 04 آگسٽ (اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي يوم شھده پوليس جي موقعي تي دھشتگردي خلاف جنگ ۾ پنھنجي قيمتي حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙ پوليس جي شھيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آھي ته پوليس جا شھيد اسان جي قوم جا اصل ھيرو آھن، جن ملڪ ۽ قوم خاطر پنھنجي قيمتي حياتين جو نذرانو پيش ڪري امن ۽ استحڪام جو بنياد …
پوليس جا شھيد اسان جي قوم جا اصل ھيرو آھن: ريلوي وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي يوم شھده پوليس جي موقعي تي دھشتگردي خلاف جنگ ۾ پنھنجي قيمتي حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙ پوليس جي شھيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آھي ته پوليس جا شھيد اسان جي قوم جا اصل ھيرو آھن، جن ملڪ ۽ قوم خاطر پنھنجي قيمتي حياتين جو نذرانو پيش ڪري امن ۽ استحڪام جو بنياد رکيو، اڄوڪي ڏينهن کي پوليس جي قرباني، وفاداري ۽ قومي جذبي جو روشن باب پڏيو وڃيٿو جنھن کي ھميشه ياد رکيو ويندو. ريلوي وزارت طرفان جاري بيان ۾ وفاي وزير محمد حنيف عباسي چيو ته ملڪ جي دشمن عنصرن خلاف جاري ويڙھه ۾ پوليس جي جوانن سينو تاڻي مقابلو ڪيو آھي ۽ ھزارين جوانن پنھنجون قيمتي حياتيون قربان ڪري قوم کي محفوظ بڻايو آھي. ھن چيو ته رياستي امن، قومي وقار ۽ عوام جي تحفظ ۾ پوليس جو ڪردار سنھري باب جي حيثيت رکي ٿو. ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته دھشتگردن خلاف پھرين صف ۾ ويڙھه ڪندڙ پوليس جا شھيد قوم جا عظيم محافظ آھن جن ھر موقعي تي بھادري ۽ ھمٿ سان دشمن جو مقابلو ڪيو. ھن چيو ته پوليس جي جوانن پنھنجي رت سان امن جي اھا تاريخ لکي جن تي سڄي قوم کي فخر آھي. محمد حنيف عباسي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ريلوي پوليس سميت سمورا ادارا شھيدن جي مشن کي اڳتي وڌائيندا ۽ پوليس جي شھيدن جي خاندانن کي ڪڏھن به اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. ريلوي وزارت انھن سان ھر قدم تي گڏ آھي. ھن چيو ته يوم شھده پوليس قرباني، وفاداري ۽ قومي جذبي جو روشن باب آھي، جنھن کي ھميشه ياد رکيو ويندو.










