خيبرپختونخوا واسي پنهنجي پوليس تي فخر ڪن ٿا:گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي

پشاور-04 آگسٽ(اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي يوم شهده پوليس جي حوالي سان پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته صوبي جا شهري پنهنجي پوليس تي فخر ڪن ٿا، انهن شهيد هن وطن ۽ عوام جي حفاظت لاءِ قيمتي حياتين جي قرباني پيش ڪئي. ترجمان مطابق گورنر چيو ته پيپلز پارٽي شهيدن جي پارٽي آهي، اسانجي باني قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير …

پشاور-04 آگسٽ(اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي يوم شهده پوليس جي حوالي سان پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته صوبي جا شهري پنهنجي پوليس تي فخر ڪن ٿا، انهن شهيد هن وطن ۽ عوام جي حفاظت لاءِ قيمتي حياتين جي قرباني پيش ڪئي. ترجمان مطابق گورنر چيو ته پيپلز پارٽي شهيدن جي پارٽي آهي، اسانجي باني قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو هن ڌرتي لاءِ شهادت قبول ڪئي، شهيد ڀٽو جي مشن تي هزارين ڪارڪن قربان ٿيا ۽ هن ملڪ جي نظرياتي ۽ جاگرافيائي تحفظ لاءِ لاڙڪاڻي جي شهيدن جا وارث چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي والد صدر آصف علي زرداري جي پاڪستان کپي جي نعري تحت سرگرم عمل آهن. هن چيو ته پوليس جي شهيدن جي وارثن کي اسان يقين ڏياريون ٿا ته صوبي جو عوام پنهنجن محسن پٽن کي ناهي وساريو، سندن مشن جاري رهندو. هن چيو ته آپريشن بنيان المرصوص معرڪه حق ۾ اسانجي فوج ڌرتي واسين جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو، اسان سرحدن ۽ عوام جي حفاظت لاءِ پاڪ فوج کي سلام پيش ڪريون ٿا.

مزید خبریں