سينيٽ چيئرمين پاران ويسٽ انڊيز خلاف ٽي -20 سيريز ۾ شاندار ڪاميابي تي قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪون

اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ويسٽ انڊيز خلاف ٽي-20 سيريز ۾ شاندار ڪاميابي تي قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏنيون آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين پاڪستاني ٽيم جي رانديگرن جي ميدان ۾ جنهن جذبي، نظم و ضبط ۽ ٽيم ورڪ جو مظاهرو ڪيو اهو ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستاني بالرن ويسٽ انڊيز خلاف …

اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ويسٽ انڊيز خلاف ٽي-20 سيريز ۾ شاندار ڪاميابي تي قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏنيون آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين پاڪستاني ٽيم جي رانديگرن جي ميدان ۾ جنهن جذبي، نظم و ضبط ۽ ٽيم ورڪ جو مظاهرو ڪيو اهو ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستاني بالرن ويسٽ انڊيز خلاف غير معمولي ڪارڪردگي پيش ڪئي جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستاني ٽيم ڪنهن به عالمي ٽيم کي شڪست ڏيڻ جي مڪمل اهليت رکي ٿي. سيد يوسف رضا گيلاني ان اميد جو اظهار ڪيو ته قومي ٽيم مستقبل ۾ به ان ئي جوش ۽ عزم سان ميدان ۾ لهندي ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪندي. هن چيو ته پاڪستان جي ٽي -20 ٽيم ۾ شامل رانديگر باصلاحيت ۽ پرعزم آهن جن قوم جي اميدن تي لهڻ جي پوري ڪوشش ڪئي. سينيٽ چيئرمين ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف ۽ انتظاميا جي ڪوششن کي به ساراهيو ۽ چيو ته سندن محنت ان ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

مزید خبریں