گلگت -04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه هتي ملاقات ڪئي ۽ کيس ٻوڏ جي صورتحال ۽ تازين برساتن سبب ٿيندڙ نقصانن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران سومر ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي گلگت بلتستان جي گورنر تازين برساتن جي نتيجي ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۽ نقصانن بابت آگاهه ڪيو. هن …
وزيراعظم سان گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه جي ملاقات

مزید خبریں
گلگت -04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه هتي ملاقات ڪئي ۽ کيس ٻوڏ جي صورتحال ۽ تازين برساتن سبب ٿيندڙ نقصانن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران سومر ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي گلگت بلتستان جي گورنر تازين برساتن جي نتيجي ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۽ نقصانن بابت آگاهه ڪيو. هن وزيراعظم کي گلگت ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي ۽ امن امان جي صورتحال بابت پڻ آگاهه ڪيو. ملاقات دوران تازين برساتن ۽ ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن لاءِ دعا به گهري وئي.










