سرينگر -04 آگسٽ (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري 5 آگسٽ 2019ع تي مودي جي قيادت تي ڀارتي حڪومت طرفان کنيل غيرقانوني قدمن خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ اڄ يوم استحصال ڪشمير ملهائيندا. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق اهو ڏينهن ملهائڻ جو سڏ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏنو آهي. حريت ڪانفرنس ڄمون ڪشمير جي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو 5 …
ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري 5 آگسٽ تي ڪارو ڏهاڙو ملهائيندا

مزید خبریں
سرينگر -04 آگسٽ (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري 5 آگسٽ 2019ع تي مودي جي قيادت تي ڀارتي حڪومت طرفان کنيل غيرقانوني قدمن خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ اڄ يوم استحصال ڪشمير ملهائيندا. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق اهو ڏينهن ملهائڻ جو سڏ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏنو آهي. حريت ڪانفرنس ڄمون ڪشمير جي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو 5 آگسٽ يوم استحصال ڪشمير کي ڪاري ڏهاڙي طور ملهائين ته جيئن دنيا کي اهو واضح پيغام ڏنو وڃي ته ڀارت سندن مادر وطن تي ناجائز قبضو ڪيو آهي، ۽ ڪشميري گڏيل قومن طرفان تسليم ٿيل خوداراديت واري حق لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندا. حريت ڪانفرنس سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين تي زور ڀريو ته هو ڄمون ڪشمير جي مظلوم عوام جي درپيش تڪليفن ڏانهن عالمي دنيا جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ (اڄ) اڱاري تي احتجاجي مظاهرا ڪن. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس چيو ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ڄمون ڪشمير تي ڀارت جو سامراجي قبضو ختم ٿي ويندو ۽ هي علائقو ڀارت جي غلامي مان آزاد ٿي ويندو.











