قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان سان ملاقات

اسلام آباد-03 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪ ايران پارلياماني تعاون، خطي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ڪالهه قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف ميڊيا طرفان جاري بيان موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان جي پاڪستان جي …

اسلام آباد-03 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪ ايران پارلياماني تعاون، خطي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ڪالهه قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف ميڊيا طرفان جاري بيان موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان ۽ ايران ڀائيچاري، تاريخ، ثقافت ۽ پاڙيسري هجڻ جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، پاڪستان ايران سان پنهنجي تاريخي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ايران جي خودمختياري ۽ سالميت جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. اسپيڪر ٻڌايو ته صدر پز شڪيان جو پاڪستان جو دورو ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو. اسپيڪر پارلياماني ۽ معاشي رابطن کي سگهه ڏيڻ تي زور ڀريو ۽ آپريشن ”بنيان المرصوص“ تي ايران جي حمايت تي ٿورو مڃيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جا اعليٰ سطحي رابطا علائقائي استحڪام لاءِ سٺو سنئوڻ آهن، وچ اوڀر ۾ پائيدار امن خطي جي خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي. ايران تي اسرائيلي حملو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته پاڪستان ڳالهين ذريعي عالمي تڪرارن جي حل جو حامي آهي، پاڪستان جي پارليامينٽ ايران تي اسرائيلي اڳرائي خلاف متفقه قراردادون منظور ڪيون.  پاڪستان ۽ ايران جي عوام هڪ جسم ۽ ٻن دلين وانگر آهن، ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيل مفاهمتي يادداشتن تي صحيحيون سٺو سنئوڻ آهن، ٻنهي اڳواڻن طرفي پارلياماني ۽ اقتصادي رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. اسپيڪر ٻڌايو ته ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي کي حل ڪرڻ کانسواءِ دنيا ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي، غزه ۽ ڪشمير ۾ انسانيت لڄائيندڙ ظلمن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. غزه ۾ جاري اسرائيلي ظلمن تي عالمي برادري جي خاموشي فڪر جو لمحو آهي، هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ عوام فلسطيني ۽ ڪشميري عوام جي پختي حمايت جاري رکندا. ايراني صدر مسعود پز شڪيان پاڪستان اچڻ تي شاندار آڌرڀاءُ ۽ ميزباني تي پاڪستان حڪومت ۽ عوام جو ٿورو مڃيو. ايراني صدر چيو ته پاڪستان ۾ جيڪا محبت ۽ خلوص مليو اهو هميشه ياد رهندو. پاڪستان مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏئي ڀائيچاري جو بهترين مثال قائم ڪيو. پاڪستان جي واضح موقف ايراني قوم جون دليون کٽي ورتيون، ايراني صدر اسرائيلي اڳرائي دوران پاڪستان طرفان حمايت تي ٿورو مڃيو ۽ چيو ته ايران پاڪستان جي حمايت کي ڪڏهن به نه وساريندو، ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ مضبوط، ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو ميمبر سيد نويد قمر به موجود هو.

مزید خبریں