وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان جي ملاقات، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي: محمد شهباز شريف

اسلام آباد-03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ايران جي پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڀريندي چيو آهي ته ايراني قيادت، هٿياربند فوج ۽ عوام سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت ڪريون ٿا، پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ موجوده وسيع البنياد ٻطرفي تعاون خاص ڪري واپار، رابطاڪاري، ثقافت ۽ عوامي سطح تي لاڳاپن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت …

اسلام آباد-03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ايران جي پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڀريندي چيو آهي ته ايراني قيادت، هٿياربند فوج ۽ عوام سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت ڪريون ٿا، پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ موجوده وسيع البنياد ٻطرفي تعاون خاص ڪري واپار، رابطاڪاري، ثقافت ۽ عوامي سطح تي لاڳاپن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن اسلامي جمهوريه ايران جي صدر، ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ايراني صدر جيڪو هن وقت پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي، گذريل ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم هائوس پهچڻ تي وزيراعظم سندس شاندار استقبال ڪيو. کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو ۽ باضابطه استقباليه تقريب منعقد ٿي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٻطرفي ملاقات ٿي جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفدن جي سطح تي ڳالهين ۾ وزيراعظم سان گڏ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، چيف آف دي آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ٻين اهم وفاقي وزير، مملڪتي وزير ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار موجود هئا. وزيراعظم پاڪستان ۽ ايران جي پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڀريندي ايراني قيادت، هٿياربند فوج ۽ عوام سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو، جنهن هاڻوڪن 12 ڏينهن واري جنگ دوران اسرائيلي جارحيت جو بهادري سان مقابلو ڪيو. وزيراعظم ان جنگ دوران ايراني فوجي اهلڪارن، سائنسدانن ۽ معصوم شهرين جي شهادت تي تعزيت ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن هاڻوڪي پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ دوران پاڪستان جي حمايت تي ايران جو ٿورو مڃيو. صدر پز شڪيان جنگ دوران ايران جي پختي حمايت تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته ايراني قوم ان جذبي کي هميشه ياد رکندي. وزيراعظم پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ موجوده وسيع البنياد ٻطرفي تعاون خاص ڪري واپار، رابطاڪاري، ثقافت ۽ عوامي سطح تي لاڳاپن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ان سلسلي ۾ وزيراعظم پاڪ – ايران 22 هين گڏيل اقتصادي ڪميشن جلد ڪوٺائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو جيڪو جلد متوقع آهي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ڪيترن ئي يادداشتن ۽ معاهدن جي مٽاسٽا جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي جيڪي ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدمن تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ بارٽر ٽريڊ جي سهولت، چانور، ميوا ۽ گوشت جي روانگي واپار لاءِ ڪوٽا ۾ اضافو، سرحدي بازارن جي فعال ۽ واپاري رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ شامل آهن. ٻنهي اڳواڻن هاڻوڪي پاڪ – ايران واپاري ڳالهين جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ٻطرفي واپار جي موجوده 3 ارب ڊالرن جي ڳاڻيٽي کي جلد کان جلد 10 ارب ڊالرن تائين پهچائڻ جي عزم کي ورجايو، ٻنهي ڌرين علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم فلسلطيني عوام جيڪا اسرائيلي فوج جي ظلمن کي منهن ڏئي رهي آهي، جي کلي ۽ عملي حمايت تي ايراني قيادت جو ٿورو مڃيو. وزيراعظم گڏيل قومن جي قراردادن موجب هڪ آزاد فلسطيني رياست جي قيام لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت کي ورجايو ۽ غزه ۾ اسرائيلي ظلمن جي فوري خاتمي ۽ اتي جي مظلوم عوام کي انساني امداد جي فراهمي جو مطالبو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو ان بحران جي حل لاءِ فوري قدم کڻي.وزيراعظم غير قانوني طور ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام لاءِ ايران جي حمايت تي به ٿورو مڃيو. وزيراعظم ايراني صدر ۽ سندس وفد جي مان ۾ آجياڻي جو بندوبست پڻ ڪيو، ٻنهي اڳواڻن ان کان اڳ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪئي.

مزید خبریں