حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي، پاڪستان جي زرعي ۽ صنعتي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا پرُڪشش موقعا موجود آهن: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو بزنس فورم کي خطاب

اسلام آباد-03 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار  چيو آهي ته حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي، پاڪستان جي زرعي ۽ صنعتي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا پرُڪشش موقعا موجود آهن، پاڪستان ۽ ايران آزاداڻي واپار جي معاهدي تي اتفاق ڪيو آهي جيڪو اسان جي واپاري رابطن ۾ اضافو ڪندو. پاڪستان ايران وچ ۾ واپاري ۽ معاشي تعاون کي …

اسلام آباد-03 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار  چيو آهي ته حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي، پاڪستان جي زرعي ۽ صنعتي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا پرُڪشش موقعا موجود آهن، پاڪستان ۽ ايران آزاداڻي واپار جي معاهدي تي اتفاق ڪيو آهي جيڪو اسان جي واپاري رابطن ۾ اضافو ڪندو. پاڪستان ايران وچ ۾ واپاري ۽ معاشي تعاون کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان ٿيل بزنس فورم کي خطاب ڪندي هن ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان، وفاقي ڪابينا ۽ ايران جي وزيرن سميت ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري سان بزنس فورم ۾ شرڪت ڪرڻ تي ٿورو مڃيندي چيو ته هي فورم بنيادي اهميت وارو آهي، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، اڄ اسان گڏيل لاڳاپن جي هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهيون جنهن جو بنياد معاشي رابطن کي هٿي وٺرائڻ تي آهي. ٻئي ملڪ معاشي رابطن کي هٿي وٺرائڻ سان اقتصادي ترقي جا هدف حاصل ڪري سگهن ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ايران بزنس فورم جو بندوبست سٺو سنئوڻ آهي، اسان جي گڏيل واپار ۾ واڌ ٿي رهيو آهي پر اهو گنجائش کان گهٽ آهي، گڏيل واپاري صلاحيت مان حقيقي فائدي لاءِ پاڪستان ۽ ايران آزاداڻي واپار جي معاهدي تي اتفاق ڪيو آهي جيڪو اسان جي واپاري رابطن ۾ اضافو ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته معاهدي سان ٽيرف ۾ گهٽتائي، واپاري رڪاوٽن جي خاتمي سميت ٻنهي ملڪن ۾ ڪاروباري شعبي جي ترقي ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ٻئي ملڪ پنهنجي معاشي مستقبل جي بهتري لاءِ نوان موقعا تلاش ڪندا ته جيئن ٻنهي ملڪن جي معيشت ۽ عوام جي ترقي ٿي سگهي. هن چيو ته ويجهڙ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ ٻنهي ملڪن جي قيادت واپاري ۽ معاشي رابطن ۾ واڌ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي آهي ۽ گڏيل واپار کي 10 ارب ڊالرن تائين وڌايو ويندو. هن چيو ته اسان ڪسٽمز ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ جا قدم کڻي رهيا آهيون. ٻئي ملڪ اقتصادي تعاون ۾ اضافي لاءِ اي سي او ۽ ايس سي او جي فورمز تي به گڏيل قدم يقيني بڻائي رهيا آهيون، ان حوالي سان منهنجي پنهنجي ايراني هم منصب سان اڪثر رابطو هوندو آهي جنهن جو مثال سفارتي شعبي  ۾ گهٽ ملي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي 200 ملين کان وڌيڪ صارف مارڪيٽ نمايان معاشي موقعا فراهم ڪري ٿي ۽ پاڪستان خطي سميت عالمي سطح تي اهم واپاري مرڪز جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان حڪومت سيڙپڪار دوست ماحول جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي ۽ سڌارن ۽ ڪاروباري آسانين جي فراهمي سان سيڙپڪاري جا پُرڪشش موقعا پيش ڪيا پيا وڃن. ان حوالي سان خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) قائم ڪئي وئي آهي جتي سيڙپڪارن کي هر طرح جي مدد فراهم ڪئي وڃي ٿي. پاڪستان جي معيشت ترقي جي راهه تي گامزن آهي، ناڻي واڌ 5 سيڪڙو جڏهن ته پاليسي ريٽ 11 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي چڪو آهي، هاڻي اسان جو ڌيان ترقي تي آهي. پاليسي سڌارن سان پائيدار معاشي ترقي ۾ مدد ملندي. قومي معيشت جا مختلف شعبا ترقي ڪري رهيا آهن. پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 20 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. محمد اسحاق ڊار چيو ته پاور ۽ آئل سيڪٽر ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته حڪومت معاشي ترقي جو پنج سالن وارو منصوبو اڏام پاڪستان پروگرام جوڙيو آهي. هن ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري کي گڏيل منصوبن جي دعوت ڏيندي چيو ته پاڪستان ايران آزاداڻي واپار جو معاهدو واپار ۽ سيڙپڪاري جون راهون کوليندو ۽ واپار ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته ايف ٽي اي سان آءِ ٽي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، لاجسٽڪ، فنانشل سروسز ۽ سياحت جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي هٿي ملندي. هن فورم جي ڪاميابي تي سمورن حصيدارن جي واکاڻ ڪئي ۽ ايراني قيادت سميت ڪاروباري برادري جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران معيشت ۽ واپار سميت سفارتي سطح تي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ سمورن علائقائي ۽ عالمي فورمن تي حصيداري کي وڌائيندا. هن چيو ته هاڻي وقت آهي ته اسان گڏجي ڪم ڪريون ۽ ٻنهي ملڪن جي مستقبل کي روشن ڪرڻ لاءِ موجود موقعن مان فائدو کڻون.

مزید خبریں