ڀارت ڪشميري سڃاڻپ ختم ڪرڻ ۾ ناڪام، پاڪستان هر محاذ تي آواز اٿاريندو رهندو: اورنگزيب کچي

اسلام آباد-03 آگسٽ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب کچي غير قانوني طور ڀارتي قبضي هيٺ والاريل ڪشمير جي عوام لاءِ پاڪستان جي پختي اخلاقي، سفارتي ۽ ثقافتي حمايت کي ورجائيندي چيو ته پوري قوم هڪ آواز بڻجي چوي ٿي ته ڪشمير بڻجندو پاڪستان. 5 آگسٽ يوم استحقاق جي سلسلي ۾ اي پي پي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ڪشمير جي مظلوم عوام لاءِ …

اسلام آباد-03 آگسٽ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب کچي غير قانوني طور ڀارتي قبضي هيٺ والاريل ڪشمير جي عوام لاءِ پاڪستان جي پختي اخلاقي، سفارتي ۽ ثقافتي حمايت کي ورجائيندي چيو ته پوري قوم هڪ آواز بڻجي چوي ٿي ته ڪشمير بڻجندو پاڪستان. 5 آگسٽ يوم استحقاق جي سلسلي ۾ اي پي پي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ڪشمير جي مظلوم عوام لاءِ پاڪستان جي حمايت قومي عزم ۽ تاريخي ذميواري سان جڙيل آهي. هن چيو ته پوري قوم ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي ۽ اسان هر فورم ۽ هر پليٽ فارم تي سندن آواز اٿاريندا رهنداسين. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت پنهنجي لاڳاپيل ادارن، لوڪ ورثا، قومي زبان کي هٿي ڏيڻ واري اداري، پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس، پاڪستان اڪيڊمي اف ليٽرز ۽ نيشنل لائبريري آف پاڪستان سان گڏجي هن ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ ثقافتي ۽ ادبي سرگرمين جي جامع منصوبابندي ڪئي آهي، جن ۾ سيمينارز، مباحثا، ريليون ۽ مقابلا شامل آهن، جن جو مقصد ڪشميرين سان قومي يڪجهتي جو استحڪام آهي، هن چيو ته ثقافت ۽ ادب مزاحمت جا طاقتور هٿيار آهن. اسان جو مقصد پنهنجي فني ۽ ادبي آوازن ذريعي ڪشميري عوام جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن لاءِ انصاف ۽ خود اراديت جي مطالبن کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ جو ڏينهن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو جڏهن ڀارتي حڪومت والاريل ڄمون ڪشمير جي خصوصي آئيني حيثيت ختم ڪري ڪشميري ماڻهن کي غير جمهوري طريقي سان خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڀارت ڪشميرين جي جذبي کي ڪچلڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پنهنجي ثقافتي پليٽ فارمز ذريعي هي واضح پيغام ڏئي رهيا آهيون ته ڪشميرين جي سڃاڻپ، تاريخ ۽ آواز کي ختم نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان جا فنڪار، اديب، شاعر ۽ نوجوان دل ۽ جان سان ڪشمير سان گڏ آهن. وفاقي وزير چيو ته انهن قدمن تحت پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان واري وزارت جي سهڪار سان 5 آگسٽ کي يوم استحقاق طور ملهائڻ لاءِ هڪ خاص پروگرام منعقد ڪيو ويندو. پي اين سي اي جي مين لابي ۾ تصويري نمائش ۽ دستاويزي فلمون ڏيکاريون وينديون ۽ هڪ ڪٺ پتلي شو پڻ ٿيندو. هن چيو ته انهن تقريبن جو مقصد 5 آگسٽ 2019ع جي غير قانوني ڀارتي قدمن ۽ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي مسلسل ڀڃڪڙين جي باري ۾ عالمي سطح تي آگاهي پيدا ڪرڻ آهي.

مزید خبریں