اسلام آباد-03 آگسٽ (اي پي پي) اسلامي جمهوريه ايران جي صدر مسعود پز شڪيان جي وزيراعظم هائوس آمد تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سندس ڀرپور آجيان ڪئي. ايراني صدر جي اعزاز ۾ پروقار آجيان واري تقريب منعقد ڪئي وئي، ان کان اڳ وزيراعظم هائوس آمد تي ايراني صدر جي وزيراعظم آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي سان هٿ ملايو ۽ خيرسگالي واريون ڳالهيون ڪيون جنهن کان پوءِ فوٽو سيشن ٿيو. آجيان …
اسلامي جمهوريه ايران جي صدر مسعود پز شڪيان جي وزيراعظم هائوس آمد، وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀرپور آجيان ڪئي، گارڊ آف آنر پيش
اسلام آباد-03 آگسٽ (اي پي پي) اسلامي جمهوريه ايران جي صدر مسعود پز شڪيان جي وزيراعظم هائوس آمد تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سندس ڀرپور آجيان ڪئي. ايراني صدر جي اعزاز ۾ پروقار آجيان واري تقريب منعقد ڪئي وئي، ان کان اڳ وزيراعظم هائوس آمد تي ايراني صدر جي وزيراعظم آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي سان هٿ ملايو ۽ خيرسگالي واريون ڳالهيون ڪيون جنهن کان پوءِ فوٽو سيشن ٿيو. آجيان واري تقريب جي شروعات تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا ۽ هٿياربند فوج جي چست جٿن معزز مهمان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو، وزيراعظم، ايران جي صدر جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع واري وزير خواجه محمد آصف، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، مواصلات بابت وزير عبدالعليم خان، هائوسنگ بابت وزير رياض حسين پيرازادا، ريلوي واري وزير محمد حنيف عباسي، واپار واري وزير ڄام ڪمال خان، سڌ سماءَ واري وزير عطاالله تارڙ سميت وفاقي ڪابينه جي ميمبرن سميت اعليٰ اختيارين سان تعارف ڪرايو. بعد ۾ ايران جي صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پنهنجي ڪابينه ميمبرن جو تعارف ڪرايو. ڊاڪٽر مسعود پز شڪيان وزيراعظم هائوس جي پارڪ ۾ يادگاري ٻوٽو به لڳايو. ان موقعي تي اسلامي دنيا جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعا ڪئي وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر وفدن جي سطح تي ملاقات ڪندا ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.












