نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي اسلامي جمهوريه ايران جي صدر سان ملاقات، ٻه طرفا سهڪار کي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) نا.ب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسلامي جمهوريه ايران جي صدر سان ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري پڌرائي مطابق ملاقات اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جي پاڪستان جي ٻن ڏينهن واري دوري جي موقعي تي ٿي. ايراني صدر جي آجيان ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل تاريخ، گڏيل ثقافتي ورثي، عقيدي ۽ گڏيل احترام جي …

اسلام آباد- 03 آگسٽ (اي پي پي) نا.ب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسلامي جمهوريه ايران جي صدر سان ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري پڌرائي مطابق ملاقات اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جي پاڪستان جي ٻن ڏينهن واري دوري جي موقعي تي ٿي. ايراني صدر جي آجيان ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل تاريخ، گڏيل ثقافتي ورثي، عقيدي ۽ گڏيل احترام جي مضبوط بنيادن تي زور ڏيندي ايران سان پنهنجي تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن لاءِ پاڪستان جي گهري عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر مسعود پزشڪيان پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ٻه طرفا سهڪار کي وڌائڻ جي ايران جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن ٻنهي دوست ملڪن وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستاني اڳواڻن سان بامعنيٰ ڳالهين جو به ذڪر ڪيو.

مزید خبریں