لاهور-02 آگسٽ (اي پي پي) اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان گذريل ڏينهن مفڪر پاڪستان، شاعر مشرق حضرت علامه محمد اقبال جي مزار تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. مزار اقبال پهچڻ تي پنجاب رينجرز جي چست جٿي کيس سلامي پيش ڪئي.ايراني صدر مسعود پيز شڪيان، ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ وفد جو شاندار استقبال ڪيو ويو. مزار اقبال تي چنڊ …
ايراني صدر پاران مزار اقبال تي حاضري، علامه اقبال جو فڪر ۽ فلسفو عالم اسلام لاءِ مشعل راهه آهي: مسعود پيز شڪيان
لاهور-02 آگسٽ (اي پي پي) اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان گذريل ڏينهن مفڪر پاڪستان، شاعر مشرق حضرت علامه محمد اقبال جي مزار تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. مزار اقبال پهچڻ تي پنجاب رينجرز جي چست جٿي کيس سلامي پيش ڪئي.ايراني صدر مسعود پيز شڪيان، ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ وفد جو شاندار استقبال ڪيو ويو. مزار اقبال تي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين ۽ بادشاهي مسجد جي خطيب مولانا عبدالخبير آزاد دعا ڪرائي. ايراني صدر مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا ۽ علامه اقبال کي خراج عقيدت پيش ڪيو. معزز مهمان علامه اقبال جي فڪر ۽ فلسفي کي عالم اسلام لاءِ مشعل راهه قرار ڏنو. لاهور ايئرپورٽ کان مزار اقبال تائين اهم شاهراهن کي ڀليڪار وارن بينرن سان سينگاريو ويو هو جڏهن ته ايراني وفد جي سيڪيورٽي لاءِ سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا هئا. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، سينئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب، اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به ان موقعي تي موجود هئا.












