بيجنگ-02 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته تازي علائقائي ڇڪتاڻ ۾ چين پاڪستان جي غيرمشروط حمايت جاري رکي، سي پيڪ جو سفر ڪاغذن کان اربين ڊالرز جي منصوبي تائين پهتو آهي، پاڪ چين دوستي تبديل ٿيندڙ حالتن ۽ هر دور ۾ نئين توانائي سان مضبوط ٿيندي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي نائب پرڏيهي وزير …
رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي چين جي نائب پرڏيهي وزير سان ملاقات

مزید خبریں
بيجنگ-02 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته تازي علائقائي ڇڪتاڻ ۾ چين پاڪستان جي غيرمشروط حمايت جاري رکي، سي پيڪ جو سفر ڪاغذن کان اربين ڊالرز جي منصوبي تائين پهتو آهي، پاڪ چين دوستي تبديل ٿيندڙ حالتن ۽ هر دور ۾ نئين توانائي سان مضبوط ٿيندي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ سان ملاقات دوران ڪيو. ان کان اڳ چين جي نائب پرڏيهي وزير، وفاقي وزير احسن اقبال جي شاندار آجيان ڪئي ۽ ملاقات دوران گڏيل دلچسپي، سي پيڪ فيز ٽو تحت صنعتي ۽ بزنس ٽو بزنس سهڪار تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي، ٻنهي وزيرن ٻه طرفه لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ واري عزم جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي رٿابندي واري وزير، وزيراعظم شهباز شريف جي نيڪ خواهشن ۽ خيرسگالي وارو پيغام چين جي قيادت تائين پهچايو. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته سن ويڊونگ جي پاڪستان ۾ سفارتڪاري واري دور دوران اسان سي پيڪ جو سفر اربين ڊالرز جي منصوبي تائين پهچايو. هن چيو ته تازي علائقائي ڇڪتاڻ ۾ چين پاڪستان جي غير مشروط حمايت جاري رکي. پاڪستاني عوام چين جي قيادت ۽ عوام جي لازوال دوستي تي ناز ڪري ٿو. هن چيو ته چين جي ترقي جو ماڊل اسان لاءِ مشعل راهه آهي، پاڪستان چين جي تجربن مان فائدو حاصل ڪري روانگي واپار ۽ ٽيڪنالاجي جي بنياد تي معيشت جي جوڙجڪ طرف گامزن آهي. هن چيو ته اڏام پاڪستان جو فائيو ايز فريم ورڪ سي پيڪ فيز ٽو جي ويزن سان هم آهنگ آهي. اڏام پاڪستان جو مرڪزي مقصد عوام دوست سڌارن ذريعي معاشي، سماجي ۽ معاشرتي استحڪام کي يقيني بڻائڻ آهي. احسن اقبال چيو ته سي پيڪ فيز ٽو ۾ صنعتي ۽ ٽيڪينڪل شعبا اهم هوندا. هن چيو ته چين جي قيادت عالمي امن لاءِ مثالي ڪردار ادا ڪري رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان جي ترجيح هڪ باصلاحيت، تعليم يافته ۽ هنرمند افرادي سگهه جي تياري آهي. احسن اقبال چيو ته بزنس ٽو بزنس سهڪار ذريعي سي پيڪ جو دائرو وسيع ٿيندو. ملاقات دوران خيالن جو اظهار ڪندي چين جي نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ چيو ته چين مختلف شعبن ۾ پاڪستان سان سهڪار کي هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان جي فائيو ايز فريم ورڪ سان معاشي استحڪام ۽ پاڻ تي دارومدار ڪرڻ وارا امڪان روشن آهن. هن چيو ته سي پيڪ ۾ قائداڻي ۽ اهم ڪردار تي چين ۾ احسن اقبال کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.











