مخالف ڌر ذهني بيماري جو شڪار ٿي چڪي آهي، تحريڪ انصاف وٽ نه پاليسي آهي نه ويزن، رڳو تنقيد براءِ تنقيد، ملڪ کي ڊيفالٽ جي ويجهو پهچائيندڙ اڄ ملڪي ترقي تي تنقيد ڪري رهيا آهن: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته مخالف ڌر ذهني بيماري جو شڪار ٿي چڪي آهي، تحريڪ انصاف وٽ نه پاليسي آهي نه ويزن، رڳو تنقيد براءِ تنقيد، ملڪ کي ڊيفالٽ جي ويجهو پهچائيندڙ اڄ ملڪي ترقي تي تنقيد ڪري رهيا آهن، 9 مئي جون حقيقتون قوم آڏو آهن، مخالف ڌر وٽ ان جو جواب نه …

اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته مخالف ڌر ذهني بيماري جو شڪار ٿي چڪي آهي، تحريڪ انصاف وٽ نه پاليسي آهي نه ويزن، رڳو تنقيد براءِ تنقيد، ملڪ کي ڊيفالٽ جي ويجهو پهچائيندڙ اڄ ملڪي ترقي تي تنقيد ڪري رهيا آهن، 9 مئي جون حقيقتون قوم آڏو آهن، مخالف ڌر وٽ ان جو جواب نه آهي. مخالف ڌر جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف جو پڌرنامو کل جوڳو ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي جنهن جو حقيقت سان ڪو تعلق نه آهي، جڏهن اسان کي حڪومت ملي ته معيشت ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو هئي جڏهن ته تحريڪ انصاف وارا دعائون گهري رهيا هئا ته پاڪستان ڊيفالٽ ڪري وڃي، اهي آءِ ايم ايف کي خط لکي رهيا هئا پر اڄ معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي جيڪا انهن کان هضم نه ٿي رهي آهي. هن چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀير ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ٿيو آهي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو آهي، مهانگائي 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي سنگل ڊيجٽ تي اچي وئي اهي، پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 11 سيڪڙو تي اچي چڪو آهي ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مسلسل بهتري ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، اهي سمورا عمل ملڪي معيشت تي سيڙپڪارن جي اعتماد جو مظهر آهن. هن چيو ته مخالف ڌر نه تحقيق ڪري ٿي ۽ نه ئي ڪو ٺوس بيانيو پيش ڪري سگهي، سندن پڌرنامو حقيقتن جي ابتڙ آهي جنهن ۾ نه ڪي انگ اکر آهن نه ئي ڪنهن پاليسي جو ذڪر. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف خصوصي ڪوششن سان پگهاردار طبقي تي ٽيڪس گهٽ ڪيو، پگهارن ۾ اضافو ڪيو، عوام دوست بجيٽ پيش ڪئي. مخالف ڌر کي بجيٽ يا معاشي انگن اکرن تي تنقيد جو ڪو جواز نه مليو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته مصطفيٰ نواز کوکر ريئل اسٽيٽ مافيا جو حصو رهيو آهي ۽ هاڻي قوم کي اخلاقيات جو درس ڏئي رهيو آهي، هو پنهنجي اثاثن بابت به قوم کي ٻڌائي، سڀ ڄاڻين ٿا ته هن پنهنجي آمدني جا ذريعا ڪيئن وڌايا آهن. وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر رڳو تنقيد براءِ تنقيد ڪري ٿي، انهن وٽ نه ڪا معاشي پاليسي آهي ۽ نه ئي ڪو روڊ ميپ، اهي رڳو رٽيل جملا ورجائين ٿا، انهن ڪڏهن ڪو نه وائيٽ پيپر ڏنو، نه ئي معيشت تي ڪا ٺوس ڳالهه ڪئي، اهي ذهني بيماري جو شڪار بڻجي چڪا آهن، انهن وٽ دليل نه آهي، ڪجهه لفظ ياد ڪري ٽي وي چينلز تي ورجائين ٿا. هن چيو ته هر ڀيري جڏهن پاڪستان ۾ ڪو اهم غيرملڪي وفد يا سربراهه اچي ٿو ته تحريڪ انصاف ان دوري کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، سڀاڻي ايراني صدر پاڪستان اچي رهيو آهي جيڪو پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي، پوري قوم سندس استقبال جي منتظر آهي جڏهن ته مخالف ڌر ان موقعي تي منفي بيانيو پکيڙي رهي آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف مختلف حصن ۽ مختلف گروپن ۾ ورهائجي چڪي آهي، علي امين گنڊاپور جي تازي بيان کي ڀارت پنهنجي مفاد جي لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي جيڪو افسوسناڪ آهي. هن چيو ته معرڪه حق ۾ پاڪستان کي شاندار فتح ملي، آپريشن بُنيان مرصوص جي ڪاميابي جو پوري ملڪ ۾ جشن ملهايو ويو جڏهن ته مخالف ڌر اهڙي وقت ۾ به دشمن جي بيانيي کي فروغ ڏيندي رهي. هن چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي دور ۾ ملڪ اڪيلائپ جو شڪار هو، اوڀر ۽ اولهه سان لاڳاپا خراب هئا ڇو ته اهي پرڏيهي پاليسي جي اهيمت کي سمجهڻ کان قاصر رهيا، انهن جي دور ۾ ملڪ ڊيفالٽ جي ويجهو هو ۽ انهن پنهنجي رويي ۽ ناقص پاليسين جي ڪري ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو. هن چيو ته مخالف ڌر وٽ دليل ۽ حقيقتون نه هيون، ڪوڙ، فساد، انتشار ۽ پروپئگنڊه کانسواءِ انهن جي پڌرنامي ۾ ڪجهه نه هو، ذاتي مفاد جي لاءِ انهن جون رڙيون نڪري رهيون آهن، انهن جي اڳواڻ 190 ملين پائونڊ جي ڪرپشن ڪئي ۽ اڄ پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ بدران واويلا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته 9 مئي جي ڪيسن جو ٽرائل شفاف ۽ قانون موجب ٿيو، ٻن سالن تائين عدالت ۾ ڪيس هليو، ثبوت پيش ڪيا ويا پر دفاع جي لاءِ تحريڪ انصاف وٽ ڪجهه نه هو، ڪئميرا جي اک سڀ ڪجهه محفوظ ڪيو ته ڪهڙي طرح شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي وئي ۽ جلاءُ گهيراءُ ڪيو ويو، اهي منظر قوم آڏو آهن جن کي مٽائي نه ٿو سگهجي. هن چيو ته مخالف ڌر وٽ 9 مئي جي ڪيسن جو جواب نه آهي ته اهڙي طرح جون پريس ڪانفرنسون ڪري رڙيون ڪيون پيون وڃن جنهن جو ڪو جواز نه آهي. هن چيو ته اهي ناڪام سياستدان آهن، تازي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران به اهي ڀارتي بيانيي کي اڳتي کڻي هلندا رهيا. هن چيو ته پاڪستان انشاءَ الله ترقي ڪندو ۽ عوام دشمن عنصرن کي شڪست ٿيندي.

مزید خبریں