پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپا گڏيل اعتماد، پُختي حمايت ۽ گڏيل عزم جو مثال آهن: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير

راولپنڊي-01 آگسٽ (اي پي پي) آرمي چيف فيلڊ مارشل جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپا گڏيل اعتماد، پُختي حمايت ۽ گڏيل عزم جو مثال آهن، ان جي پائيدار حصيداري علائقائي استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل اسٽريٽجڪ مفادن جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب چين جي پيپلز لبريشن …

راولپنڊي-01 آگسٽ (اي پي پي) آرمي چيف فيلڊ مارشل جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپا گڏيل اعتماد، پُختي حمايت ۽ گڏيل عزم جو مثال آهن، ان جي پائيدار حصيداري علائقائي استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل اسٽريٽجڪ مفادن جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب چين جي پيپلز لبريشن آرمي (پي ايل اي) جي قيام جي 98هين سالگره جي ايڇ ڪيو ۾ ملهائي وئي. پاڪستان ۾ عوامي جمهوريه چين جو سفير جيانگ زائي ڊونگ ان موقعي تي خاص مهمان هو. تقريب ۾ ڊفينس اتاشي ميجر جنرل وانگ زونگ، چيني سفارتخاني جي عملدارن ۽ پاڪستان جي ٽنهي هٿياربند فوجن جي سينيئر عسڪري آفيسرن به شرڪت ڪئي. آرمي چيف فيلڊ مارشل جنرل سيد عاصم منير چيني مهمانن جو شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ۽ پي ايل اي کي ان جي 98هين سالگره جي مبارڪ ڏني. هن چين جي دفاع، سلامتي ۽ قوم جي تعمير ۾ پي ايل اي جي اهم ڪردار جي ساراهه ڪئي. آرمي چيف پاڪستان- چين لاڳاپن جي مضبوطي ۽ اسٽريٽجڪ اهميت تي زور ڀريندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا منفرد، سدا بهار ۽ بدلجندڙ علائقائي ۽ عالمي چئلينجز باوجود غير معمولي طور مستحڪم آهن. فيلڊ مارشل چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپا گڏيل اعتماد، پُختي حمايت ۽ گڏيل عزم جو مثال آهن. هن زور ڀريو ته بدليل اسٽريٽجڪ حالتن باوجود ٻنهي ملڪن جي دوستي مستحڪم ۽ ناقابل شڪست رهي آهي. پنهنجي خطاب جي پڄاڻيءَ تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته پاڪستاني فوج ۽ پي ايل اي سچن ڀائرن وانگر آهن. ان جي پائيدار حصيداري علائقائي استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل اسٽريٽجڪ مفادن جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي. تقريب کي خطاب ڪندي چيني سفير پي ايل اي جي 98هين سالگره ملهائڻ لاءِ تقريب جي ميزبانيءَ تي آرمي چيف جو ٿورو مڃيو. هن دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستاني هٿياربند فوج جي مستحڪم ڪردار کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان چين جي اسٽريٽجڪ حصيداريءَ لاءِ پُختي حمايت ۽ عزم کي ورجايو.

مزید خبریں