چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ پشاور ۾ عدالتي شعبي ۾ سڌارن جي تسلسل کي هٿي وٺرائڻ ۽ اداره جاتي رابطن جي جائزي بابت اجلاس

اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ عدالتي شعبي ۾ سڌارن جي تسلسل کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پشاور ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن جو مقصد بار ايسوسيئيشنز ۽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان وچ ۾ اداره جاتي رابطن جو جائزو وٺڻ ۽ انهن کي بهتر بنائڻ هو. اجلاس ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ايس ايم …

اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ عدالتي شعبي ۾ سڌارن جي تسلسل کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پشاور ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن جو مقصد بار ايسوسيئيشنز ۽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان وچ ۾ اداره جاتي رابطن جو جائزو وٺڻ ۽ انهن کي بهتر بنائڻ هو. اجلاس ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ايس ايم عتيق شاهه، نائب چيئرمين پاڪستان بار ڪائونسل طاهر وڙائچ، نائب چيئرمين ڪي پي ڪي بار ڪائونسل احمد فاروق خٽڪ، نائب صدر سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن فدا بهادر، چيئرمين ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ڪي پي ڪي بار ڪائونسل اڪبر خان ڪوهستاني، رجسٽرار سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، رجسٽرار پشاور هاءِ ڪورٽ، سيڪريٽري لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان، ڪي پي ڪي حڪومت جي ناڻي، قانون، پارلياماني معاملن، رٿابندي، ترقي بابت سيڪريٽريز، ڊائتيڪٽر جنرل ڪي پي جوڊيشل اڪيڊمي، ڊائريڪٽر پلاننگ پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزارت جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس جو مقصد انصاف جي فراهميءَ کي بهتر ۽ قانوني برادريءَ جي قانونسازي ۽ پاليسي سازي ۾ جامع نمائندگي کي يقيني بنائڻ آهي. سپريم ڪورٽ پاران جاري بيان موجب اجلاس جي شروعات تي چيف جسٽس شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي ملڪ جي ڏورانهن ضلعن جي پنهنجي هاڻوڪي دؤرن جا مشاهدا شيئر ڪيا، جتي هن عدالتي انفراسٽرڪچر جو جائزو ورتو ۽ اهم چئلينجز جي نشاندهي ڪئي. هن چيو ته جيتوڻيڪ ترقياتي فنڊز دستياب آهن پر ادارن وچ ۾ رابطن جي کوٽ سبب مؤثر طور لاڳو ڪرڻ ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي آهي. هن بار ايسوسيئيشنز کي عدالتي ترقياتي رٿائن خاص ڪري عدالتي ڪامپليڪسز بابت رٿائن ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. چيف جسٽس اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي چيو ته رابطن جي کوٽ کي دُور ڪرڻ لاءِ ڪميشن فيصلو ڪيو آهي ته هر صوبي ۾ سينيئر سطح جا نمائندا مقرر ڪيا ويندا جيڪي هاءِ ڪورٽس ۾ مقرر هوندا ۽ـ ضلعي بار ايسوسيئيشنز سان رابطا ڪاريءَ جو ڪردار ادا ڪنا. انهن آفيسرن جون ذميداريون عدالتي سڌارن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ، مقامي ترجيحن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ هيٺئين سطح تي سڌارن جي نگراني ڪرڻ شامل هونديون. هن چيو ته بار ايسوسيئيشنز کي به دعوت ڏني ويندي ته هو اهي پنهنجون ترقياتي تجويزون لاڳاپيل ضلعي ترقياتي ڪميٽين وٽ جمع ڪرائين جن جي صدارت لاڳاپيل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز ڪندا. هاڻ وفاقي ۽ صوبائي کاتا به ان عمل جو حصو آهن ته جيئن منصوبن تي تيزيءَ سان عملدرآمد ڪري سگهجي ۽ وسيلن جي تڪرار کان بچي سگهجي. گڏيل تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيف جسٽس بار نمائندن تي زور ڀريو ته هو پنهنجي ميمبرن کي متحرڪ ڪن ۽ سڌارا جاتي عمل ۾ مسلسل شريڪ رهن. هن هدايت ڪئي ته بار ايسوسيئيشنز کي ملندڙ سرڪاري امداد کي منظم ۽ مؤثر انداز ۾ استعمال ڪيو وڃي ته جيئن ان جو وڌ کان وڌ فائدو حاصل ٿئي ۽ خرچن ۾ شفافيت برقرار رهي. هن صوبائي کاتن تي به زور ڀريو ته اهي مقرر آفيسرن سان ويجهن رابطن ۾ رهن ته جيئن ضلعي ڪميٽين طرفان تجويز ڪيل منصوبن تي وقت سر عملدرآمد ممڪن ٿئي. هن پُٺتي پيل ضلعن ۾ ناقص بنيادي ڍانچي، غير مستحڪم بجليءَ جي فراهمي ۽ محدود ڊجيٽل رسائي جهڙن مسئلن جو ذڪر ڪندي انهن علائقن لاءِ واضح هدفن تي ٻَڌل قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو. اجلاس ۾ اهو به طئي ٿيو ته صوبائي حڪومتون انهن منصوبن کي پنهنجي سالياني ترقياتي منصوبن ۾ شامل ڪنديون ۽ کين ترجيح ڏينديون. هن چيو ته عورت سائلين لاءِ ڇانوَ وارين جڳهين ۽ بنيادي صنفي سهولتن کي ڏورانهن علائقن جي ترقياتي منصوبن ۾ اولين ترجيح ڏني ويندي. چيف جسٽس بار ايسوسيئيشنز کي فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي طرفان فراهم ڪيل ڪنٽينيونگ ليگل ايجوڪيشن (سي ايل اي) پروگرامن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏني. هن هدايت ڪئي ته تربيتي ڪئلينڊر کي وڏي پيماني تي ورهايو وڃي ۽ هر بار ۾ فوڪل پرسن مقرر ڪيا وڃن ته جيئن اڪيڊمي سان مؤثر رابطو قائم ڪري سگهجي. اجلاس جي پڄاڻيءَ تي چيف جسٽس شرڪت ڪندڙن کي نيشنل جوڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪميٽي جي هاڻوڪن فيصلن کان آگاهه ڪيو. بار نمائندن عدليه جي حصيداري جي نقطهءِ نظر کي ساراهيو ۽ سائلن ۽ وڪيلن وچ ۾ درپيش چئلينجز کي تسليم ڪرڻ تي چيئرمين جو ٿورو مڃيو. اجلاس ۾ موجود وفاقي ۽ صوبائي ڌُرين انصاف جي مؤثر قابلِ رسائي ۽ عوامي مرڪزيت تي ٻَڌل فراهميءَ جي گڏيل مقصدن جي حاصلات لاءِ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.

مزید خبریں