وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري جي پاڪستان جي پهرين فيري سروس تيزي سان شروع ڪرڻ ۽ لائسنس جي طريقيڪار ۾ فوري سڌارا آڻڻ جي هدايت

اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري پاڪستان جي پهرين فيري سروس کي تيزي سان شروع ڪرڻ ۽ لائسنس جي طريقيڪار ۾ فوري سڌارن ۽ آپريٽرز لاءِ مالياتي سهولت فراهم ڪرڻ تي زور ڀريو آهي ته جيئن سستي سامونڊي سفر کي يقيني بڻائي سگهجي، زائرين جي مدد ڪري سگهجي ۽ سامونڊي رابطن کي هٿي ڏئي سگهجي. اهڙو اظهار سامونڊي معاملن واري وفاقي …

اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري پاڪستان جي پهرين فيري سروس کي تيزي سان شروع ڪرڻ ۽ لائسنس جي طريقيڪار ۾ فوري سڌارن ۽ آپريٽرز لاءِ مالياتي سهولت فراهم ڪرڻ تي زور ڀريو آهي ته جيئن سستي سامونڊي سفر کي يقيني بڻائي سگهجي، زائرين جي مدد ڪري سگهجي ۽ سامونڊي رابطن کي هٿي ڏئي سگهجي. اهڙو اظهار سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير اسلام آباد ۾ پنهنجي آفيس ۾ شپنگ اينڊ پورٽس جي ڊائريڪٽر جنرل عاليه شاهد طرفان هڪ تفصيلي بريفنگ ڏيڻ جي موقعي تي ڪيو. بيورو ڪريٽڪ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ وفاقي وزير هدايت ڪئي ته فيري لائسنسنگ جي عمل کي مڪمل طور تي ڊجيٽلائيز ڪيو وڃي ۽ موجوده جهازن جي رجسٽريشن وانگر پاڪستان سنگل ونڊو پليٽ فارم ۾ ضم ڪيو وڃي. هن خاص طور تي لائسنس جاري ڪرڻ جي موجوده 6 مهينن جي مدي کي گهٽ ڪري صرف هڪ مهينو ڪرڻ جو حڪم ڏنو.هن چيو ته ڏيڍ سال جي دير جو ڪو به جواز ناهي، نجي شعبي جي شرڪت کي راغب ڪرڻ جي قدمن ۾ وفاقي وزير فيري آپريٽرز لاءِ لچڪيدار مالياتي ماڊلز ڳولڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته اسان کي ان ڳالهه جو جائزو وٺڻ گهرجي ته ڇا بئنڪ گارنٽي، انشورنس گارنٽي يا هائبرڊ ماڊل سڀ کان وڌيڪ قابل عمل آهي. هن چيو ته اسان جو مقصد انهن ڪاروباري ماڻهن جي مدد ڪرڻ آهي جيڪي ان شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا. سامونڊي سفر جي وسيع تر فائدن تي روشني وجهندي هن نشاندهي ڪئي ته فيري خدمتون ايران ۽ عراق ويندڙن جي خواهشمند زائرين لاءِ هڪ سستي ۽ قابل اعتماد سفري حل فراهم ڪري سگهن ٿيون، سياحت ۽ ڪاروبار کان هٽي ڪري هي سروس مذهبي سفر ۾ تمام گهڻي سهولت فراهم ڪري سگهي ٿي، اسان حاجي سڳورن کي سندن سفر لاءِ هڪ نئون، محفوظ ۽ گهٽ خرچ وارو آپشن پيش ڪري سگهون ٿا. وفاقي وزير خاص طور تي مذهبي مسافرن لاءِ فيري سروسز جي وسيع تر افاديت تي زور ڀريو. هر سال 70 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني زائرين ايران ۽ عراق جو سفر ڪن ٿا. وفاقي وزير اهو نتيجو ڪڍيو ته جيڪڏهن موثر طريقي سان لاڳو ڪيو وڃي ته هي سروس پوري خطي ۾ هڪ اهم نئين ٽرانسپورٽ لنڪ بڻجي سگهي ٿي، هن چيو ته اسان ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ رول آئوٽ لاءِ هڪ تفصيلي روڊ ميپ جو افتتاح ڪنداسين.

مزید خبریں