اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر سان ازبڪستان جي سفير علي شير تختائيف ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ازبڪستان جي ايندڙ دؤري ۽ ٻه طرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ڌُرين وزيراعظم جي ويزن ۽ هدايتن جي روشنيءَ ۾ واپاري، سيڙپڪاري ۽ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان …
وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر سان ازبڪستان جي سفير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر سان ازبڪستان جي سفير علي شير تختائيف ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ازبڪستان جي ايندڙ دؤري ۽ ٻه طرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ڌُرين وزيراعظم جي ويزن ۽ هدايتن جي روشنيءَ ۾ واپاري، سيڙپڪاري ۽ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي امڪاني معاهدن تي به غور ڪيو ويو. ڳالهه ٻولهه جي اهم نُڪتن ۾ واپاري تعاون، بي ٽو بي ملاقاتون ۽ پشاور ۾ هڪ ويئر هائوس جي قيام جا منصوبا شامل هئا ته جيئن واپاري رابطا ۽ لاجسٽڪس کي هٿي ڏئي سگهجي. ٻنهي معزز شخصيتن صنعت، زراعت، ٽرانسپورٽ، مائننگ ۽ منرلز جي شعبن ۾ تعاون جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هارون اختر ٽريڪٽر ۽ مائننگ انڊسٽريءَ ۾ گڏيل منصوبن جي امڪانن کي اجاگر ڪيو ۽ ازبڪستان سان 2 ارب ڊالرن جي واپاري هدف حاصل ڪرڻ لاءِ نوان موقعا تلاش ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته ٻنهي ملڪن جي وفدن وچ ۾ آءِ ٽي، اِي ڪامرس ۽ بئنڪاري جي شعبن ۾ ملاقاتون ٿينديون. ان موقعي تي ازبڪ سفير پاڪستان جي ٽيڪسٽائل انڊسٽريءَ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ هارون اختر کي ازبڪستان جي ٽيڪنڪ پارڪ جي دؤري جي دعوت ڏني. ازبڪ سفير پاڪستان جي فارماسيوٽيڪل انڊسٽريءَ ۾ به دلچسپي ظاهر ڪئي جنهن تي هارون اختر ٻُڌايو ته ازبڪستان ساليانو 3 ارب ڊالرن جي فارما شيون درآمد ڪري ٿو جيڪو پاڪستان جي فارما صنعت لاءِ هڪ اهم موقعو آهي. هن وڌيڪ چيو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ـ اِي ڪامرس جهڙن اُڀرندڙ شعبن ۾ به ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏني ويندي ته جيئن جديد ترقي ۽ اقتصادي اؤسر کي ممڪن بنائي سگهجي. هارون اختر خيرسگالي طور پاڪستان ۽ ازبڪستان جي مضبوط ٿيندڙ لاڳاپن جي ياد ۾ ازبڪ سفير کي روايتي تحفو پيش ڪيو.











