اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ڊي جي سان گڏ لينڊ انفارميشن اينڊ مئنجمينٽ سسٽم (لمز) جي مرڪز جو دؤرو ڪيو جتي هن زراعت ۽ زمين جي نظم و نسق ۾ جاري ڊجيٽل ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻَڌل جديد قدمن جو جائزو ورتو. ڪالهه آءِ ٽي واري وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب وفد …
آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه پاران لينڊ انفارميشن اينڊ مئنجمينٽ سسٽم مرڪز جو دؤرو

مزید خبریں
اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ڊي جي سان گڏ لينڊ انفارميشن اينڊ مئنجمينٽ سسٽم (لمز) جي مرڪز جو دؤرو ڪيو جتي هن زراعت ۽ زمين جي نظم و نسق ۾ جاري ڊجيٽل ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻَڌل جديد قدمن جو جائزو ورتو. ڪالهه آءِ ٽي واري وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب وفد جو استقبال ڊي جي (لمز) ميجر جنرل محمد ايوب احسن ڪيو، جڏهن ته ڊاڪٽر ڪرنل وقار کيس بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ٻُڌايو ويو ته لمز ۾ فوڊ سيڪيورٽي کي يقيني بنائڻ، جديد ايگري اسٽيڪ مشورا، ٻن ملين کان وڌيڪ هارين تائين پهچائڻ ۽ مثال طور 2023ع ۾ اڇي مک جي حملي جهڙن مسئلن جي پاڻمرادي حل ذڙيعي 5 ارب رپين کان وڌيڪ جي بچت جهڙن قدمن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير ۽ سندس ٽيم آءِ ٽي وزارت تحت شروع ڪيل منصوبي ”ايگري اسٽيڪ“ جو عملي مظاهرو پڻ ڏٺو. وفاقي وزير ان قدم کي ساراهيندي چيو ته ايگري اسٽيڪ پاڪستان جي زراعت ۾ انقلاب آڻڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو ڇاڪاڻ ته هي هڪ مڪمل ڊجيٽل ايڪو سسٽم ۽ اِي ڪامرس پليٽ فارم آهي، جيڪو لمز ذريعي تيار ڪيو ويو آهي. ٻين اهم قدمن ۾ ”پاڪ سرزمين ڪارڊ“ پڻ شامل آهي جيڪو آبادگارن لاءِ هڪ سمارٽ ٽول آهي جنهن کي GIS/RS جي بنياد تي ڊزائين ڪيو ويو آهي ته جيئن زمين جو رڪارڊ، سبسڊي ۽ـ زرعي مشورن تائين آسان رسائي ممڪن ٿي سگهي. وفد وچ ۾ پاڪستاني زرعي شين جي روانگي واپاري جي سگهه سان گڏ برانڊنگ جي امڪانن تي به مفصل ڳالهيون ٿيون. نوجوانن لاءِ زراعت جي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي ذريعي روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ تي زور ڀريو ويو جن ۾ سمارٽ فونز جي ورهاست، رابطن جي بهترين، فصلن جي پيداوار جي اڳڪٿي لاءِ مصنوعي ذهانت جو استعمال ۽ لمز تحت مرڪزي زرعي ٽيڪنالاجي نظام جو قيام شامل آهي. مربوط اڳڀرائيءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ لمز جي ايگري اسٽيڪ ۽ آپريشن توسيع جي حمايت لاءِ هڪ اسٽيئرنگ گروپ بنائڻ جي تجويز تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير لمز کي پاڪستان جي ڊجيٽل تبديلي جو فليگ شپ منصوبو قرار ڏنو جڏهن ته ڊي جي ايس آءِ ايف سي ان منصوبي کي پاڪستان حڪومت ۽ هٿياربند فوج جي گڏيل ڪوششن جو بهترين مثال قرار ڏنو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان جي زراعت ۽ ماحولياتي شعبي لاءِ ٽيڪنالاجي سنوارڻ ۽ پائيدار مستقبل جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير لمز جي رسائي ۽ استعمال ۾ آسانيءَ تي خاص زور ڀريو آهي. هن هدايت ڪئي ته لمز پليٽ فارم مڪمل طور فعال هجي ۽ سمارٽ فونز ذريعي عام ماڻهوءَ تائين رسائي جوڳي بنائي وڃي. ان قدمن جو مقصد زمين بابت خدمتن کي عوام جي پهچ تائين آڻڻ، شفافيت ۾ واڌ ۽ سهولت فراهم ڪرڻ آهي. موبائل ذريعي رسائيءَ سان ريئل ٽائيم ڊيٽا، مقام جي نشاندهي ۽ زمين جي رڪارڊ جو اثرائتو انتظام ممڪن ٿي سگهندو. وفاقي وزير چيو ته ان قسم جي ڊجيٽل شموليت زمين جي نظم و نسق کي جديد بنائڻ لاءِ نهايت ضروري آهي.











