اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت تازين برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حڪومت، انتظاميا ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهي، متاثر علائقن ۽ عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ جلد گلگت بلتستان جو دورو ڪندس ۽ نقصانن جي هر ممڪن ازالي جي لاءِ وفاقي حڪومت پاران امدادي پئڪيج ڏنو ويندو، سمورا لاڳاپيل …
وفاقي حڪومت تازين برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حڪومت، انتظاميا ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت تازين برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حڪومت، انتظاميا ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهي، متاثر علائقن ۽ عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ جلد گلگت بلتستان جو دورو ڪندس ۽ نقصانن جي هر ممڪن ازالي جي لاءِ وفاقي حڪومت پاران امدادي پئڪيج ڏنو ويندو، سمورا لاڳاپيل وفاقي ادارا آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي انتظاميا سان گڏجي ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳائيندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ تازي چوماسي جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي جائزه اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته تازي شديد چوماسي مُند جي ڏس ۾ سڄي ملڪ ۽ خاص طور تي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ جاني ۽ مالي نقصانن جا افسوسناڪ واقعا ٿيا. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حڪومت، انتظاميا ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهي، متاثر علائقن ۽ عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گلگت بلتستان جو دورو ڪندس ۽ نقصانن جي هر ممڪن ازالي جي لاءِ وفاقي حڪومت پاران امدادي پئڪيج ڏنو ويندو. وزيراعظم خاص هدايت ڪئي ته سمورا لاڳاپيل وفاقي ادارا آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي انتظاميا سان گڏجي ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳائين، شديد موسمي صورتحال جي نقصانن کان بچاءُ جي لاءِ موسمياتي کاتي جي اڳواٽ اطلاع جي نظام کي هنگامي بنيادن تي موثر ۽ فعال بڻايو وڃي. متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ڪاررواين ۾ جاني ۽ مالي نقصانن کان بچاءُ کي اولين ترجيح ڏني وڃي، مواصلات جي ذريعن ۽ رستن جي بحالي ۽ تعمير ۽ مرمت تي مقامي ۽ لاڳاپيل وفاقي ادارا خاص طور تي ڌيان ڏين. اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سڄي ملڪ ۾ شديد چوماسي جي برساتن سان ٿيندڙ هيستائين جي نقصانن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ممڪن موسمي صورتحال ۽ هيستائين کنيل قدمن تي اجلاس ۾ بريفنگ ڏني جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته تازي چوماسي سيزن ۾ هيستائين سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور تي 295 فوتگيون ٿي چڪيون آهن جڏهن ته 700 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن، 1600 کان وڌيڪ گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن جڏهن ته 376 چوپايو مال پڻ برساتن ۾ لُڙهي ويو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته تازي چوماسي جي مُند ۾ واهن ۾ شديد ٻوڏ آهي. تربيلا، چشما، تونسه، ڪالاباغ واري جڳهه تي هيٺئين درجي جڏهن ته چناب درياءَ ۾ هيڊ مرالا ۽ گڊو واري جڳهه تي وچولي درجي جي ٻوڏ جو امڪان آهي، تازي چوماسي جي مُند آگسٽ جي آخر ۾ شديد ٿيڻ جو امڪان آهي، اين ڊي ايم اي پنهنجي طور تي بچاءُ جي لاءِ ڀرپور انتظام ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق، گلگت بلتستان جي وڏي وزير حاجي گلبر خان، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، اين ڊي ايم اي چيئرمين انعام حيدر ملڪ ۽ ٻين اعليٰ عملدارن ۽ سرڪاري عهديدارن شرڪت ڪئي.











