وزيراعظم جي دعوت تي اسلامي جمهوريه ايران جو صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان 2 کان 3 آگسٽ تي پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندو

اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي اسلامي جمهوريه ايران جو صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان 2 کان 3 آگسٽ تي پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان سان گڏ اعليٰ سطحي وفد هوندو جنهن ۾ ايران جو پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي، سينيئر وزير ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شامل هوندا. پنهنجي …

اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي اسلامي جمهوريه ايران جو صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان 2 کان 3 آگسٽ تي پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان سان گڏ اعليٰ سطحي وفد هوندو جنهن ۾ ايران جو پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي، سينيئر وزير ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شامل هوندا. پنهنجي قيام دوران ايراني صدر مسعود پيز شڪيان صدر آصف علي زرداري سان ملاقات کانسواءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وفدن جي سطح تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. واضح رهي ته ايران جي صدر جي حيثيت سان ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان جو هي پاڪستان جو پهريون سرڪاري دورو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف آخري ڀيرو 26 مئي 2025ع تي ايران جو دورو ڪيو هو. ايراني صدر جي پاڪستان جي دوري سان پاڪستان ۽ ايران جا ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿيندا.

مزید خبریں