بلوچستان ۾ پاڪستان بيت المال جي آفيسن ۽ ادارن کي فعال بڻائڻ جو مقصد عوامي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ آهي: وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه

ڪوئيٽا-01 آگسٽ (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي ڀلائي واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه چيو آهي ته بلوچستان ۾ پاڪستان بيت المال جي آفيسن ۽ ادارن کي فعال بڻائڻ جو مقصد عوامي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ آهي، ڪوئيٽا ۾ پاڪستان بيت المال جي تعليم، صحت ۽ سماجي ڪمن جي نيٽ ورڪ کي توسيع ڏئي بلوچستان جي احساس محرومي کي ختم ڪيو ويندو. اها ڳالهه هن ڪوئيٽا …

ڪوئيٽا-01 آگسٽ (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي ڀلائي واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه چيو آهي ته بلوچستان ۾ پاڪستان بيت المال جي آفيسن ۽ ادارن کي فعال بڻائڻ جو مقصد عوامي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ آهي، ڪوئيٽا ۾ پاڪستان بيت المال جي تعليم، صحت ۽ سماجي ڪمن جي نيٽ ورڪ کي توسيع ڏئي بلوچستان جي احساس محرومي کي ختم ڪيو ويندو. اها ڳالهه هن ڪوئيٽا ۾ پاڪستان بيت المال بلوچستان جي ڊائريڪٽر محمد داد طرفان ڏنل بريفنگ جي موقعي تي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پريشان ۽ مصيبت ۾ ورتل ماڻهن جي چهرن تي مسڪراهٽ آڻڻ ۽ يتيمن ۽ بيواهن جي ڪفالت ڪري ئي اسان دنيا ۽ آخرت ۾ سرخرو ٿي سگهون ٿا. ان موقعي تي بيت المال جي ڊائريڪٽر وفاقي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته بلوچستان ۾ گذريل 3 سالن دوران غريب ۽ يتيم 2505 مريضن کي علاج لاءِ 28 ڪروڙ 67 لک 58 هزار 601 روپيا، 1089 حقدار شاگردن کي وظيفن جي مد ۾ 30 ملين روپيا فراهم ڪيا ويا آهن جڏهن ته ڪوئيٽا سميت سڄي صوبي ۾ پاڪستان بيت المال جي 23 ويمن امپاورمنٽ سينٽرز ۾ 50 هزار عورتن کي فني مهارت سيکاري وئي آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان بيت المال جي اهتمام هيٺ 14 چائلڊ ليبر اسڪولن کان 4022 ٻارن تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ يتيم ٻارن لاءِ تربت، ڪوئيٽا، خاران ۽ زوب ۾ قائم سوئيٽ هومز ۾ 400 يتيم ٻار تعليم پرائي رهيا آهن جن کي تعليم جي فراهمي سان گڏ خوراڪ ۽ رهائش به فراهم ڪئي پئي وڃي. وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه چيو ته ڪوئيٽا اچڻ جو مقصد پاڪستان بيت المال جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي معاشري جي بي سهارا ماڻهن لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ آهي.هن چيو ته يتيم ٻارن کي معاشري جو مفيد ۽ محب وطن شهري بڻائڻ سان گڏ کين علم ۽ هنر جي دولت سان مالا مال ڪنداسين ته جيئن هو پنهنجي عملي زندگي ۾ ڪنهن تي بار بڻجڻ بدران باعزت روزگار ڪمائين. وفاقي وزير پاڪستان بيت المال جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ويزن آهي ته حڪومتي ادارن کي صرف مالي امداد تائين محدود نه هجڻ گهرجي پر نوجوانن ۽ عورتن کي فني مهارت ۽ هنر سيکاري کين پنهنجي معاشي خود مختياري طرف متوجهه ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو معاشري ۾ باعزت زندگي گذارڻ لاءِ پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن.

مزید خبریں