روانگي واپار ۾ نمايان بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي، پاڪستان جو واپاري شعبو بدلجندڙ عالمي حالتن ۾ تبديلي جي صلاحيت رکي ٿو: ڄام ڪمال خان

اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته ويليو ايڊڊ ۽ غير روايتي روانگي واپار ۾ اسان جي ڪاميابي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان جو واپاري شعبو بدلجندڙ حالتن ۾ تبديلي جي صلاحيت رکي ٿو. اهڙو اظهار هن واپار واري وزارت ۾ مالي سال 25-2024ع دوران پاڪستان جي واپاري ڪارڪردگي جي جائزي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس کي ڳالهائيندي ڪيو. گذريل …

اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته ويليو ايڊڊ ۽ غير روايتي روانگي واپار ۾ اسان جي ڪاميابي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان جو واپاري شعبو بدلجندڙ حالتن ۾ تبديلي جي صلاحيت رکي ٿو. اهڙو اظهار هن واپار واري وزارت ۾ مالي سال 25-2024ع دوران پاڪستان جي واپاري ڪارڪردگي جي جائزي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس کي ڳالهائيندي ڪيو. گذريل ڏينهن جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزارت جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي جنهن ۾ عالمي واپاري چئلينجز باوجود پاڪستان جي روانگي واپار جي حڪمت عملي جو جائزو ۽ آئنده جي لائحه عمل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. عالمي سطح تي جاري واپاري تڪرارن، معاشي سستي ۽ قيمتن جي سخت چٽاڀيٽي ۽ جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ جي باوجود پاڪستان جي روانگي واپار استحڪام جو مظاهرو ڪيو. مالي سال 25-2024ع دوران ملڪ جو ڪل روانگي واپار 31.75 ارب آمريڪي ڊالر تائين پهچي ويو جيڪو گذريل مالي سال 30.76 ارب آمريڪي ڊالر هو، يعني روانگي واپار  ۾ نمايان بهتري ڏسڻ ۾ آئي جنهن جو گهڻو ڪريڊٽ ويليو ايڊڊ ۽ غير روايتي شعبن ڏانهن وڃي ٿو. روانگي واپار ۾ اضافي جا نمايان شعبا جن ۾ ٽيڪسٽائيل ۽ ڪپڙن جو شعبو، تيار ڪپڙن ۾ 15 سيڪڙو اضافو، هوم ٽيڪسٽائيلز ۾ 9 سيڪڙو اضافو، تماڪ ۽ سگريٽس ۾ 135 سيڪڙو غير معمولي اضافو، پلاسٽڪ مصنوعات ۾ 17 سيڪڙو اضافو، سيمنٽ جي روانگي واپار ۾ 25 سيڪڙو اضافو، دوائن ۽ آءِ سي ٽي بابت خدمتن جي روانگي واپار ۾ به مثبت اڳڀرائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. واپار واري وزير انهن شعبن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ چيو ته غير روايتي روانگي واپار ۾ اضافو پاڪستان جي ڊگهي مدي واري واپاري پاليسي لاءِ سٺو سنئوڻ آهي. ڄام ڪمال چيو ته روانگي واپار جي حوالي سان سرمائي وارين شين ۾ 24 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو ملڪي صنعت جي بحالي ۽ صارفين جي اعتماد ۾ بهتري جي علامت آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزير طرفان اهم هدايتون به جاري ڪيون ويون جن ۾ مخصوص ايڪسپورٽ منصوبا، خاص طور تي اڀرندڙ ۽ غير روايتي مارڪيٽن تي ڌيان، ٽريڊ الرٽ سسٽم جو قيام ته جيئن عالمي سطح تي واپاري رڪاوٽن، SPS/TBT معاملن ۽ واپاري قدمن جو وقت سر جواب ڏئي سگهجي. ان کانسواءِ سيڪٽورل ايڪسپروٽ ڪائونسلز جي فعالي ته جيئن نجي شعبن سان موثر مشاورت ۽ پاليسي سازي کي بهتر بڻائي سگهجي. مصنوعي ذهانت ۽ ڊيٽا اينالٽڪس ذريعي واپاري انٽيليجنس، مصنوعات ۽ مارڪيٽ جي هڪجهڙائي ۽ مارڪيٽنگ کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ، سروسز ايڪسپورٽس (خاص ڪري آءِ سي ٽي، فري لانسنگ ۽ تخليقي صنعتون) کي هٿي ڏيڻ لاءِ جامع قومي حڪمت عملي جي تياري جي باري ۾ هدايتون جاري ڪيون. واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته ويليو ايڊڊ ۽ غير روايتي روانگي واپار ۾ اسان جي ڪاميابي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان جو واپاري شعبو بدلجندڙ عالمي حالتن ۾ بدلجڻ جي صلاحيت رکي ٿو، حڪومت واپاري برادري کي سهولتون فراهم ڪرڻ، نئين مارڪيٽن تائين پهچ يقيني بڻائڻ ۽ ٻطرفي ۽ گهڻ رخي فريم ورڪس جهڙوڪ FTA/PTA کي ڀرپور طريقي سان استعمال ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته واپار اسان جي معيشت جي تبديلي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ اهم آهي ۽ وزارت انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم جاري رکندي.

مزید خبریں