وفاقي گهرو وزير طرفان صادق آباد ويجهو پوليس چوڪي تي ڌاڙيلن جي حملي جي مذمت، شهيد پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد – 01 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي پنجاب جي شهر صادق آباد ويجهو پوليس چوڪي تي ڌاڙيلن جي حملي جي شديد مذمت ڪندي ان حملي ۾ شهيد ٿيل 5 پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. گهرو وزارت طرفان جاري بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي ان حملي جي شديد مذمت ڪئي. گهرو وزير شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن سان به …

اسلام آباد – 01 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي پنجاب جي شهر صادق آباد ويجهو پوليس چوڪي تي ڌاڙيلن جي حملي جي شديد مذمت ڪندي ان حملي ۾ شهيد ٿيل 5 پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. گهرو وزارت طرفان جاري بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي ان حملي جي شديد مذمت ڪئي. گهرو وزير شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن سان به دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته شهيد پوليس اهلڪارن جي قرباني کي سلام پيش ڪريون ٿا. محسن نقوي چيو ته پوليس جي جوانن رات جي اونڌاهي ۾ بزدلاڻو حملو ڪندڙ ڌاڙيلن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت جو درجو حاصل ڪيو. هن چيو ته پوليس اهلڪارن فرض جي رستي ۾ جان قربان ڪري شهادت جو اعليٰ رتبو حاصل ڪيو. وفاقي گهرو وزير چيو ته ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف وڙهندڙ پوليس اهلڪارن جي عظيم قرباني کي قوم هميشه ياد رکندي.  هن چيو ته شهيد پوليس جي جوانن جون قربانيون ضايع نه وينديون.

مزید خبریں