ڪوئيٽا - 01 آگسٽ (اي پي پي) انساني حقن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن ثمينه ممتاز زھري سول اسپتال ڪوئيٽا وڃي ھرنائي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ گيس ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل پورھيتن جي عيادت ڪئي. ھن اسپتال ۾ علاج ھيٺ پورھيتن جي خيريت معلوم ڪئي ۽ انھن جي طبي علاج جي حوالي سان لاڳاپيل اختيارين سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي سينيٽر ثمينه ممتاز …
سينيٽر ثمينه ممتاز زھري پاران سول اسپتال ڪوئيٽا ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ گيس ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل پورھيتن جي عيادت

مزید خبریں
ڪوئيٽا – 01 آگسٽ (اي پي پي) انساني حقن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن ثمينه ممتاز زھري سول اسپتال ڪوئيٽا وڃي ھرنائي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ گيس ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل پورھيتن جي عيادت ڪئي. ھن اسپتال ۾ علاج ھيٺ پورھيتن جي خيريت معلوم ڪئي ۽ انھن جي طبي علاج جي حوالي سان لاڳاپيل اختيارين سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي سينيٽر ثمينه ممتاز زھري سول اسپتال جي لاڳاپيل اختيارين کي زخمين جي علاج جي حوالي سان سموريون سھولتون فراھم ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيون. ھن زخمين کي طبي علاج جي حوالي سان ھر ممڪن سھڪار جو يقين ڏياريو. ھن چيو ته مزدور معيشت جي ڪرنگهي جي ھڏي آھن، انھن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي ذميواري آھي. ھن چيو ته واقعي جي شفاف جاچ ٿيڻ گھرجي. سنينٽر ثمينه ممتاز زھري فوت ٿيل پورھيتن لاءِ درجن جي بلندي، گھرڀاتين لاءِ صبر ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.











