پاڪستان ۾ گذريل مالي سال دوران 28.82 ملين موبائيل فون تيار ڪيا ويا، جون 2025ع ۾ ملڪ اندر تيار ڪيل موبائل فون جو انگ 2.19 ملين يونٽس رهيو: رپورٽ

اسلام آباد- 01 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ گذريل مالي سال دوران 28.82 ملين موبائيل فون تيار ڪيا ويا، جون 2025ع ۾ ملڪ اندر تيار ڪيل موبائل فون جو انگ 2.19 ملين يونٽس رهيو.ٽاپ لائن سيڪيورٽيز جي رپورٽ موجب ملڪ ۾ موبائيل فون تبديل ڪرڻ جو وقت 2.5 سال جي ڀيٽ ۾ 3.5 سال تائين وڌيو آهي. رپورٽ موجب گذريل مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي دوران مقامي طور تي …

اسلام آباد- 01 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ گذريل مالي سال دوران 28.82 ملين موبائيل فون تيار ڪيا ويا، جون 2025ع ۾ ملڪ اندر تيار ڪيل موبائل فون جو انگ 2.19 ملين يونٽس رهيو.ٽاپ لائن سيڪيورٽيز جي رپورٽ موجب ملڪ ۾ موبائيل فون تبديل ڪرڻ جو وقت 2.5 سال جي ڀيٽ ۾ 3.5 سال تائين وڌيو آهي. رپورٽ موجب گذريل مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي دوران مقامي طور تي 14.24 ملين موبائيل فونز اسيمبل ڪيا ويا جن مان 54 سيڪڙو يونٽس يعني 7.63 ملين 2 جي فونز تيار ڪيا ويا جڏهن ته 6.60 ملين يونٽس يعني 46 سيڪڙو سمارٽ موبائيل فون اسيمبل ڪيا ويا آهن. گذريل مالي سال دوران پاڪستان موبائيل فونز جي مجموعي قومي طلب جو 94 سيڪڙو حصو مقامي طور تي تيار ڪيل موبائيل فونز مان پورو ڪيو ويو آهي جڏهن ته 2020ع کان 2024ع تائين اها شرح 77 سيڪڙو رهي ۽ 2016ع کان 2024ع دوران ملڪ اندر تيار ڪيل موبائيل فونز مان 52 سيڪڙو مقامي طلب پوري ڪئي وئي.

مزید خبریں