اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ملڪ ۾ کنڊ جي دستيابي جي صورتحال جي حوالي سان ڪميٽي جو جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ خوراڪ واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، ڪابينا ڊويزن، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي سيڪريٽريز کانسواءِ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ملڪ ۾ کنڊ جي دستيابي جي صورتحال بابت ڪميٽي جو جائزه اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ملڪ ۾ کنڊ جي دستيابي جي صورتحال جي حوالي سان ڪميٽي جو جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ خوراڪ واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، ڪابينا ڊويزن، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي سيڪريٽريز کانسواءِ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي صوبن جي متفقه لاڳو ٿيل اگهن موجب کنڊ جي درآمد ۽ مارڪيٽ جي قيمتن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. جيتوڻيڪ قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان ڏٺو ويو، پر اها ڳالهه نوٽ ڪئي وئي ته مارڪيٽ اگهه لاڳو ٿيل سطح کان ڪجهه وڌيڪ آهن. ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ويو ته درآمد ٿيل کنڊ جي سيپٽمبر جي آخر تائين ڪراچي پهچڻ جي اميد آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير قيمتن ۾ استحڪام، بنيادي شين جي مناسب فراهمي ۽ صارفين جي مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومتي عزم جي تصديق ڪئي.











