رياست پاڪستان دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته رياست پاڪستان دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، دنيا دهشتگردن جي خلاف اسان جي ڪامياب ڪاررواين جي معترف آهي، پاڪستان جي بهادر فوج آپريشن رد الفساد ۽ ضرب عضب ۾ دهشتگردن جو ڀرپور مقابلو ڪيو ۽ تازي تاريخي معرڪه حق ۾ دنيا پاڪستان جي فتح کي تسليم ڪيو. …

اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته رياست پاڪستان دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، دنيا دهشتگردن جي خلاف اسان جي ڪامياب ڪاررواين جي معترف آهي، پاڪستان جي بهادر فوج آپريشن رد الفساد ۽ ضرب عضب ۾ دهشتگردن جو ڀرپور مقابلو ڪيو ۽ تازي تاريخي معرڪه حق ۾ دنيا پاڪستان جي فتح کي تسليم ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ رياستي رٽ قائم ڪرڻ جي حوالي سان قائم اسٽيئرنگ ڪميٽي جو جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم چيو ته رياست پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ گهڻ رخي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، پاڪستان پاران زميني آپريشن، لاڳاپيل قانونسازي، بامعنيٰ عوامي رابطن ۽ انتهاپسند سوچ جي حوصلا شڪني جهڙن اهم عنصرن جو ڀرپور ۽ موثر استعمال ڪيو ويو. ڪميٽي جي دهشتگردي جي خلاف وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ هم آهنگي کي موثر بڻائڻ ۽ ان ڏس ۾ ڪميٽي جي سفارشن تي سختي سان عملدرآمد جي هدايت ڪندي هن چيو ته بهادر فوج جي فرزندن جو دهشتگردي جي خلاف ان جنگ ۾ ڪردار ساراهه ۽ تحسين جوڳو آهي، ملڪ جي خاطر پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ اهلڪارن ۽ آفيسرن ۽ قرباني جي جذبي سان سرشار انهن جي گهرڀاتين تي مون سميت پوري قوم کي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري پاڪستاني قوم، بهادر فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، انٽيلي جنس ادارا متحد آهن، پاڪستان جي بهادر فوج آپريشن رد الفساد ۽ ضرب عضب ۾ دهشتگردن جو ڀرپور مقابلو ڪيو ۽ تازي تاريخي معرڪه حق ۾ دنيا پاڪستان جي فتح کي تسليم ڪيو. وزيراعظم چيو ته صوبائي حڪومتن، انٽيلي جنس بيورو، گهرو وزارت، ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ خاص طور تي پنجاب دهشتگردي جي خاتمي واري ڊپارٽمينٽ دهشتگردي جي خلاف ان جنگ ۾ انتهائي موثر قدم کنيا آهن، پاڪستان کي فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج ۽ اهڙي طرح جي ٻين سماج دشمن عنصرن جي مڪمل خاتمي جي لاءِ ڪميٽي جامع، موثر ۽ قابل عمل حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته سمورن لاڳاپيل ادارن جي گڏيل ڪاررواين ۽ تعاون سان اسمگلنگ جي خلاف موثر ڪارروايون ڪيون ويون جنهن سان اسمگلنگ جي روڪٿام ممڪن ٿي، اسمگلنگ جي روڪٿام سان معيشت تي مثبت اثر پيا. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي کان پاڪ ۽ پرامن مضبوط رياستي ڍانچو ئي عالمي سطح تي سيڙپڪارن جي اعتماد کي بحال ڪري ٿو، عالمي سطح تي سيڙپڪارن جي اعتماد جي بحالي جي لاءِ حڪومت سموري نظام جي ڊيجيٽائيزيشن ۽ ٽيڪس سستم ۾ بهتري جهڙيون انقلابي تبديليون آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ اضافو ۽ گلوبل ريٽنگز ۾ بهتري پاڪستان جي معيشت ۾ استحڪام جي نشاندهي ڪن ٿا ۽ ان سان ٻاهرئين سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيندو، غيرقانوني طور تي پاڪستان ۾ رهندڙ افغان شهرين جي عالمي قانونن موجب وطن واپسي جي پروگرام تي عملدرآمد موثر طور تي جاري آهي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، فيلڊ مارشل چيف آف آرمي اسٽاف سيد عاصم منير، نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اڪنامڪ افيئرز ڊويزن واري وفاقي وزير احد خان چيما، وزيراعظم جي بين الصوبائي تعاون واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري، سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽريز، انسپيڪٽر جنرلز ۽ لاڳاپيل سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں