اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ 9 مئي جي ڪيسن جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اڄ ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ۽ انصاف جي نظام جي فتح جو ڏينهن آهي، اڳتي ڪير به 9 مئي جهڙي ڪڌي سازش ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهندو. دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي فيصلي جي حوالي سان خصوصي …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران 9 مئي جي ڪيسن جي فيصلي جي آجيان

مزید خبریں
اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ 9 مئي جي ڪيسن جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اڄ ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ۽ انصاف جي نظام جي فتح جو ڏينهن آهي، اڳتي ڪير به 9 مئي جهڙي ڪڌي سازش ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهندو. دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي فيصلي جي حوالي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ ملڪ جي اندر قانون جي حڪمراني ۽ قانوني شقن تي عملدرآمد جي فتح جو ڏينهن آهي، 9 مئي جي حملن جا ناقابل ترديد ثبوت موجود هئا، ان ڏينهن حملي آورن دفاعي ٺڪاڻن، شهيدن جي يادگارن کي مسمار ڪيو ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو، قانون لاڳو ڪندڙ آفيسرن کي زخمي ڪيو، ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ جلاءُ گهيراءُ ڪيو، قومي يڪجهتي جي علامتن کي نقصان پهچايو. هن چيو ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن جو ڊگهي عرصي تائين ٽرائل ٿيو، عدالت آڏو ناقابل ترديد ثبوت پيش ڪيا ويا، فيئر ٽرائل ٿيو، وڪيلن جرح ڪئي، گواهه پيش ٿيا ۽ سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون ويون. هن چيو ته 9 مئي پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن هو جڏهن هٿياربند جٿن دفاعي ٺڪاڻن، شهيدن جي يادگارن ۽ ريڊيو پاڪستان، ڪور ڪمانڊر هائوس سميت سرڪاري ملڪيتن کي نشانو بڻايو. خيبرپختونخواهه ۾ مختلف بلڊنگز کي ساڙيو. هن چيو ته جيڪي عنصر سمجهندا هئا ته اهي قانون کان مٿانهون آهن، اڄ جي عدالت جي فيصلي انهن جا خدشا ختم ڪري ڇڏيا آهن، انهن سزائن کانپوءِ اڳتي ڪير جرئت نه ڪندو ته اهو دشمن جا هٿ مضبوط ڪري ڇو ته جن دفاعي ٺڪاڻن کي انهن نشانو بڻايو، ڦرلٽ ڪئي ۽ جلاءُ گهيراءُ ڪيو ۽ جيڪا زبان استعمال ڪئي اهي سمورا ثبوت ڪئميرا جي اک محفوظ ڪيا. سي سي ٽي وي فوٽيج جي ذريعي انهن سمورين شين کي ڏسي سگهجي ٿو، انهن ماڻهن جي سڃاڻپ بلڪل ڪليئر آهي ته اهي ڪير ماڻهو هئا جيڪي دفاعي ٺڪاڻن طرف ويا. اهو انهن جو ڪڌو ڏوهه هو. هن چيو ته اها ڳالهه واضح آهي ته انهن واقعن جو ماسٽر مائنڊ ان پارٽي جو باني آهي جيڪو هن وقت جيل ۾ آهي جنهن زوم ميٽنگز جي ذريعي حملا منظم ڪرايا. ان ۾ ڪجهه ماڻهن اختلاف به ڪيو ته اسان کي اهي حملا نه ڪرڻ گهرجن پر انهن حملي آورن دفاعي ٺڪاڻن کي نقصان پهچايو، شهيدن تائين جي تڪريم نه ڪئي ته جن هن ملڪ جي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي. انهن ملڪ جي اندر باقاعده طور تي نظام کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن گڏيل ڪوششن سان مختلف شهرن ۾ اها ڪڌي سازش ڪئي هئي، لاهور جي جناح هائوس ۾ پروفيشنل ڌاڙيلن وانگر باقاعده منصوبابندي تحت ڦرلٽ ڪئي وئي، هي اهي ڪم هئا جيڪي دشمن به نه ڪري سگهيو پر انهن عنصرن پنهنجي ئي ملڪ ۾ دشمن جي ايجنڊا کي اڳتي وڌايو. هن چيو ته دشمن جڏهن به حملي آور ٿيڻ جو خواب ڏٺو، اسان سدائين ان کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. وفاقي وزير چيو ته انهن شرپسند عنصرن کي قانون ۽ آئين تحت سزائون ڏنيون ويون آهن ۽ ان جي آجيان ڪريون ٿا. اڄ هڪ واضح پيغام ويو آهي ته ڪير به حساس ٺڪاڻن يا رياستي ملڪيتن تي حملو ڪرڻ جو سوچي به نه ٿو سگهي. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن پاڪستان جي لاءِ هڪ سٺو مثال آهي، هي ڏينهن ثابت ڪري ٿو ته قانون جي بالادستي قائم آهي ۽ اڳتي ڪير به ملڪ دشمن سازش جو حصو بڻجڻ جي جرئت نه ڪندو. هن چيو ته جهڙي طرح پاڪستان سفارتي ۽ بيانيي جي محاذ تي دشمن کي شڪست ڏني، ائين ئي اندروني محاذ تي به قانون ۽ انصاف جي فتح حاصل ڪئي وئي آهي.











