وزيراعظم سان وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان جي ملاقات

اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت جاري منصوبن، نوجوانن جي ڀلائي، تعليم، هنرسازي ۽ روزگار جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان موجب يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان وزيراعظم کي پروگرام جي تازي قدمن تي …

اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت جاري منصوبن، نوجوانن جي ڀلائي، تعليم، هنرسازي ۽ روزگار جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان موجب يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان وزيراعظم کي پروگرام جي تازي قدمن تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ جاري ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته انهن منصوبن جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي وڃي ته جيئن نوجوان طبقو قومي ترقي ۾ موثر ڪردار ادا ڪري سگهي. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، خاص طور تي ضمني چونڊن بابت سياسي حڪمت عملي، عوامي رجحانن ۽ چونڊ مهم جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم نوجوانن کي قومي ڌارا ۾ شامل رکڻ ۽ سياسي شعور بيدار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

مزید خبریں