اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ جي ڪامياب لانچنگ تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اهو سيٽلائيٽ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پراڻي تعاون جو اعليٰ مثال آهي، ٻنهي ملڪن جي حصيداري خلا جي وسعتن تائين پهچي چڪي آهي. ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف اسپارڪو ۽ پوري ٽيم کي پاڪستان جي جديد ريموٽ …
وزيراعظم پاران ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ جي ڪامياب لانچنگ تي قوم کي مبارڪُون

مزید خبریں
اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ جي ڪامياب لانچنگ تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اهو سيٽلائيٽ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پراڻي تعاون جو اعليٰ مثال آهي، ٻنهي ملڪن جي حصيداري خلا جي وسعتن تائين پهچي چڪي آهي. ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف اسپارڪو ۽ پوري ٽيم کي پاڪستان جي جديد ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ جي ڪامياب لانچنگ تي دل جي گهرائين سان مبارڪباد ڏيندي چيو ته اها ڪاميابي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ تعاون جي نئين بلندين کي ظاهر ڪري ٿي جيڪي سرحدن کان اڳتي خلا تائين پکڙجي چڪيون آهن، اهو اسان جي گڏيل سوچ جو مظهر آهي ته خلائي ٽيڪنالاجي کي انسانيت جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اهو سيٽلائيٽ سي پيڪ جي لاءِ بي شمار فائدا رکندڙ هوندو، ان جو استعمال زراعت، شهري منصوبابندي، آفتن کي منهن ڏيڻ، ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪس جي نقشه سازي ۽ مختلف ماحول ۾ ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي لاءِ پڻ ڪري سگهبو. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي چيني حصيدارن جي بي مثال تعاون ۽ پاڪستان جي خلائي پروگرام کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد تي دل سان ٿورائتا آهيون.











