صدر پاران ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ جي ڪامياب لانچ تي پاڪستاني سائنسدانن کي مبارڪُون

اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ جي ڪامياب لانچ تي پاڪستاني سائنسدانن کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان کي پنهنجي سائنسدانن جي صلاحيتن تي فخر آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته اهو جديد سيٽلائيٽ قدرتي آفتن جي نگراني، وقت سر وارننگ، زراعت، شهري منصوبابندي، انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ …

اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ جي ڪامياب لانچ تي پاڪستاني سائنسدانن کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان کي پنهنجي سائنسدانن جي صلاحيتن تي فخر آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته اهو جديد سيٽلائيٽ قدرتي آفتن جي نگراني، وقت سر وارننگ، زراعت، شهري منصوبابندي، انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ ماحولياتي مشاهدي ۾ مدد فراهم ڪندو. صدر آصف علي زرداري چيو ته اهو سنگ ميل پاڪستان جي وڌندڙ خلائي صلاحيتن جي روشن علامت آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان سيٽلائيٽ جي ڪامياب لانچ ۾ تعاون تي چين جي حڪومت جا ٿورائتا آهيون.

مزید خبریں