اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊيجيٽل پليٽ فارمز تي هراسمينٽ جي خلاف اهم قدم کڻندي عورتن کي ڪم جي جڳهه تي هراسمينٽ کان بچائڻ جي قانون (2010* تحت هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب (فوسپاهه) جي فيصلي کي برقرار رکيو آهي. اهو ڪيس اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان ۾ هڪ اعليٰ عهديدار جي خلاف هو. وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب شڪايت ڪندڙ …
صدر پاران هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جو فيصلو برقرار

مزید خبریں
اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊيجيٽل پليٽ فارمز تي هراسمينٽ جي خلاف اهم قدم کڻندي عورتن کي ڪم جي جڳهه تي هراسمينٽ کان بچائڻ جي قانون (2010* تحت هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب (فوسپاهه) جي فيصلي کي برقرار رکيو آهي. اهو ڪيس اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان ۾ هڪ اعليٰ عهديدار جي خلاف هو. وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب شڪايت ڪندڙ عروج واحد شڪايت داخل ڪرائي هئي ته اسٽيٽ لائيف جي اسسٽنٽ جنرل مئنيجر، ڪامران چنا کيس واٽس ايپ ۽ ٻين ڊيجيٽل ذريعن تان اڻوڻندڙ ۽ نامناسب پيغام موڪليا جن ۾ جنسي نوعيت جا جملا شامل هئا. ڪامران چنا پيغام موڪلڻ جو اعتراف ته ڪيو پر فوسپاهه جي ان فيصلي کي چئلينج ڪيو جنهن ۾ کيس نوڪري مان برطرف ڪرڻ ۽ 3 لک رپيا ڏنڊ هڻڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. هن صدر پاڪستان وٽ اپيل داخل ڪئي. صدر آڏو پيشي دوران ڪامران چنا بنا ڪنهن وڌيڪ وضاحت جي نه رڳو عروج واحد پر سندس والده کان به غيرمشروط معافي ورتي. ٻنهي ڌرين کي ٻڌڻ کانپوءِ صدر هراسمينٽ جي الزامن کي صحيح قرار ڏنو پر چنا کي 29 سالا بي داغ سروس کي ڏسندي کيس برطرف ڪرڻ جي سزا کي جبري رٽائرمينٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو جڏهن ته صدر پاڪستان متاثر عورت سان همدرديءَ جو مظاهرو ڪندي ان جي لاءِ ڏنڊ جي رقم 3 لک مان وڌائي 10 لک رپيا ڪري ڇڏي ڇو ته عروج واحد کي ان هراسمينٽ جي ڪري ذهني دٻاءُ ۽ مجبوري ۾ نوڪري ڇڏڻي پئي. صدر پاڪستان اسٽيٽ لائيف کي اها به هدايت ڪئي ته عروج واحد کي ٻيهر نوڪري تي رکيو وڃي، ڇو ته سندس استعيفيٰ رضاڪاراڻي نه هئي پر ان ماحول جو نتيجو هو جيڪو هراسمينٽ جي ڪري پيدا ٿيو. اهو فيصلو هڪ واضح پيغام ڏي ٿو ته واٽس ايپ يا سوشل ميڊيا جهڙن ڊيجيٽل ذريعن جي ذريعي ڪئي ويندڙ هراسمينٽ به ايتري ئي سنگين آهي جيتري ذاتي طور تي ڪئي ويندڙ بدسلوڪي ۽ اهو قانون موجب سزا جوڳو ڏوهه آهي. ان ڪيس آن لائين بدسلوڪي جي خلاف هڪ اهم مثال قائم ڪيو آهي.











