ڪوئيٽا-31 جولاءِ (اي پي پي)تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجهيه قمر چيو آهي ته نوجوان بلوچستان ۽ پاڪستان جي ترقي جي خواب کي پورو ڪري سگهن ٿا، وزيراعظم شهباز شريف سميت سمورا اسٽيڪ هولڊرز بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ سنجيده آهن ۽ ان حوالي سان دانش اسڪولز جو منصوبو واضح ثبوت آهي. اهڙو اظهار هن ڪاروباري عورتن لاءِ پائيدار ماحول جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب …
نوجوان بلوچستان ۽ پاڪستان جي ترقي جو خواب پورو ڪري سگهن ٿا: مملڪتي وزير وجهيه قمر

مزید خبریں
ڪوئيٽا-31 جولاءِ (اي پي پي)تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجهيه قمر چيو آهي ته نوجوان بلوچستان ۽ پاڪستان جي ترقي جي خواب کي پورو ڪري سگهن ٿا، وزيراعظم شهباز شريف سميت سمورا اسٽيڪ هولڊرز بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ سنجيده آهن ۽ ان حوالي سان دانش اسڪولز جو منصوبو واضح ثبوت آهي. اهڙو اظهار هن ڪاروباري عورتن لاءِ پائيدار ماحول جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته ڪيترائي اهڙا مسئلا آهن جن جي حل لاءِ وڌيڪ جدوجهد جي ضرورت ناهي پوندي. ڪاروبار سان ڳنڍيل ٻارڙيون ۽ عورتون اکين ۾ اميدون کڻي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جا خواب ڏسي رهيون آهن اسان انهن خوابن کي سچ ڪري ڏيکارينداسين، هي ئي ٻارڙيون ۽ ڌيئرون ثابت ڪنديون ته هتان کان بلوچستان جي تبديلي جي شروعات ٿيندي، هر مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۽ عورتن کي تعليم ۽ ٻيا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ مڪمل تعاون لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته پاليسيون ٺهنديون آهن ان تي عملدرآمد لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسڪولن ۾ فوڊ پروگرام جي شروعات بلوچستان کان ٿي آهي جيڪو سٺو سنئوڻ آهي، هڪ خاص پروجيڪٽ جنهن تحت بلوچستان جي نوجوانن کي هي موقعا فراهم ڪيا ويندا آهن ته ان منصوبي سان عالمي سطح تي اسڪالرشپس پروگرامز ۾ حصو وٺي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪندا، سڄي پاڪستان ۾ 17 هزار مدرسا رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ 590 مدرسن جي رجسٽريشن ٿي وئي آهي، مدرسن جي شاگردن کي ديني تعليم سان گڏ حاضر دور جو علم ڏيارڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته بلوچستان تي خاص ڌيان ڏئي رهيا آهيون، جيڪي مسئلا سامهون اچي رهيا آهن انهن جي حل لاءِ موثر قدم کنيا ويندا ته جيئن هي جوان قومي ڌارا جو حصو بڻجي ترقياتي عمل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن.











