قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ برطانوي هائوس آف ڪامنز جي اسپيڪر سرلنزي هوئل ۾ ملاقات

جنيوا-31 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ برطانوي هائوس آف ڪامنز جي اسپيڪر سرلنزي هوئل وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي پارلياماني تعاون، جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اها ملاقات جنيوا ۾ ڇهين اسپيڪرز ڪانفرنس جي موقعي تي ٿي. ان موقعي تي اسپيڪر سردار اياز …

جنيوا-31 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ برطانوي هائوس آف ڪامنز جي اسپيڪر سرلنزي هوئل وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي پارلياماني تعاون، جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اها ملاقات جنيوا ۾ ڇهين اسپيڪرز ڪانفرنس جي موقعي تي ٿي. ان موقعي تي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان، برطانيه سان پنهنجي پراڻن، تاريخي ۽ خوشگوار لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو. هن ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن عوامي سطح تي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۽ برطانيه جي هائوس آف ڪامنز وچ ۾ پارلياماني تعاون سان نه رڳو جمهوري روايتن کي هٿي ملندي پر ٻطرفن لاڳاپن ۾ به نوان رخ پيدا ٿيندا. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ان ڳالهه تي زور ڀريو ته برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي ٻنهي ملڪن وچ ۾ هڪ مضبوط پل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي جنهن ذريعي ثقافتي، تعليمي ۽ واپاري شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ملي سگهي ٿي. اسپيڪر سردار اياز صادق ملاقات دوران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي به روشني وڌي ۽ چيو ته ڀارت طرفان انساني حقن جون مسلسل ڀڃڪڙيون عالمي قانونن ۽ انساني قدرن جي خلاف آهن. هن چيو ته ڪشمير مسئلي جو حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ضروري آهي ته جيئن خطي ۾ پائيدار امن قائم ٿي سگهي. ٻنهي اسپيڪرز ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته دنيا کي درپيش چئلينجز، خاص ڪري جمهوري زوال، انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي مسئلن جي حل لاءِ پارلياماني سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ٻنهي اڳواڻن جمهوري قدرن جي تحفظ ۽ پارلياماني تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں